Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 16:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيئن جھنگلي گڏهہ آزاد رهندو آهي، تيئن تنهنجو پٽ بہ آزاد ۽ خود مختيار رهندو. هو پنهنجي سڀني مائٽن کان الڳ اوڀر طرف رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 هو ماڻهن ۾ جهنگلي گڏهہ جهڙو آزاد رهندو؛ هن جو هٿ سڀني جي برخلاف ۽ سڀني جو هٿ هن جي برخلاف ٿيندو؛ ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي روبرو رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 16:12
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا انهيءَ ڇوڪر سان هو. جيئن هو وڌي وڏو ٿيو، تہ فاران جي رڻ‌پٽ ۾ رهڻ لڳو ۽ شڪار ڪرڻ جو وڏو ماهر ٿيو.


اسماعيل جو اولاد حويلاہ کان شور جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو اشور ڏانهن ويندي مصر جي اوڀر پاسي آهي. اُهي پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيم جي ٻئي اولاد کان الڳ رهندا هئا.


تون پنهنجي تلوار جي زور تي گذران ڪندين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين. پر جڏهن تنهنجي بي‌چيني وڌي ويندي تڏهن تون هن جي وس کان نڪري ويندين.“


پوءِ هو ماني کائڻ ويهي رهيا. تڏهن اوچتو اکيون کڻي نهاريائون تہ ڇا ڏسن تہ اسماعيل قبيلي وارن جو هڪڙو قافلو جِلعاد کان ايندو نظر آين. انهن جا اٺ مصالحن، سرهاڻين ۽ مُرَ سان لڏيل هئا. اسماعيل قبيلي وارا اهو سامان مصر ڏانهن کنيو ٿي ويا.


پر بي‌وقوف ماڻهن جو انهن ڳالهين کي سمجھڻ ايترو ئي ناممڪن آهي، جيترو ڪنهن جھنگلي جانور جو گھريلو جانور کي ڄڻڻ.“


سو غريب ماڻهو جھنگلي گڏهن وانگر پنهنجي کاڌي جي ڳولا ۾ رڻ‌پٽ ۾ ڀٽڪندا ٿا وتن، ڇو تہ پنهنجي اولاد جي کاڌي لاءِ وٽن ٻي ڪا جاءِ ناهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ