Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي ابرام جي زال ساري کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو: هن وٽ هاجرہ نالي هڪڙي ٻانهي هئي، جا مصر جي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 16:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين.


اموري، ڪنعاني، جِرجاشي ۽ يبوسي.“


پر خدا ابراهيم کي چيو تہ ”تون پنهنجي پٽ ۽ پنهنجي ٻانهيءَ بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪر. ائين ئي ڪر جيئن سارہ تو کي چوي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جنهن اولاد ڏيڻ جو مون تو سان عهد ٻڌو آهي سو اسحاق مان ئي ٿيندو.


سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.


جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.


ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي.


انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.


انهن ڳالهين مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو تہ اهي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن. انهن مان هڪڙي عورت هاجرہ عربستان جي سينا جبل واري عهد مثل آهي، جنهن مان غلام ئي پيدا ٿين ٿا.


تنهن وقت ۾ منوحہ نالي هڪڙو شخص هو جيڪو صرعہ شهر جو رهاڪو هو ۽ سندس تعلق دان قبيلي سان هو. هن جي زال سنڍ هئي.


جيتوڻيڪ خداوند حنہ کي سنڍ ڪيو هو، تہ بہ القانہ ساڻس بيحد محبت ڪندو هو ۽ کيس ٻيڻو حصو ڏيندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ