Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 15:9 - Muslim Sindhi Bible

9 خداوند جواب ڏنس تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو گابو، هڪڙي ٽسالي ٻڪري، هڪڙو ٽسالو گھيٽو، هڪڙي ڳيري ۽ هڪڙو ڪبوتر وٺي اچ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ هن چيس تہ منهنجي لاءِ هڪڙو ٽسالو وهڙو، ۽ هڪڙي ٽسالي ٻڪري، ۽ هڪڙو ٽسالو گهيٽو، ۽ هڪڙي قمري، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو وٺي اچ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 15:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام خدا لاءِ اهي سڀ وٺي آيو. انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين ۽ اهي اڌ هڪٻئي جي سامهون رکيائين. پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين.


پر ابرام پڇيو تہ ”اي خداوند خدا! مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟“


تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آس‌پاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين.


هو فرمائي ٿو تہ ”منهنجي وفادار بندن کي مون وٽ آڻي گڏ ڪريو، جن قرباني پيش ڪندي مون سان پنهنجو عهد ٻڌو آهي.“


ڌرتيءَ تي گلن بهار لاتي آهي، گيتن ڳائڻ جو وقت اچي ويو آهي. ڏس، هر هنڌ ڳيرين جو آواز پيو ٻڌجي.


مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن يا ٻڪرين جي ڌڻ مان ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ڪو جانور پيش ڪري ٿو تہ اهو نر ۽ بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند لاءِ ساڙڻ جي قرباني پکين مان ڪري، تہ هو ڳيري يا ڪبوتر جي قرباني پيش ڪري.


جيڪڏهن سندس قرباني ڍورن ڍڳن جي ساڙڻ واري قرباني هجي تہ اهو ڍور نر ۽ بي‌عيب هجي. هو انهيءَ کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي پيش ڪري تہ جيئن اهو منهنجي حضور ۾ قبول پوي.


پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ لاءِ پٽ يا ڌيءَ جا مقرر ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هوءَ هڪڙو هڪسالو گھيٽو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو ڪبوتر يا هڪڙو ڳيرو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي.


پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“


هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، جيڪي بہ آڻي سگھي سي پڻ آڻي. انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.


پوءِ جيڪي ڳيرا يا ڪبوتر اهو ماڻهو آڻي سگھيو هجي،


”جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي آڏو پنهنجي ڍورن ڍڳن مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو ڍور نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي رڍن ٻڪرين مان سلامتيءَ واري قرباني پيش ڪري، پوءِ اهو نر هجي توڙي مادي، پر بي‌عيب هجي.


هن هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي‌عيب گابو ۽ پنهنجي ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو بي‌عيب گھٽو وٺ ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.


هو سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو گھٽو خداوند جي حضور ۾ قربان ڪرڻ لاءِ آڻين. انهيءَ سان گڏ هو اناج جي قربانيءَ وارو تيل ۾ ڳوهيل ميدو بہ آڻين، ڇاڪاڻ تہ اڄ خداوند اوهان جي اڳيان ظاهر ٿيندو.“


اهي شريعت موجب مريم جي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني بہ کڻي آيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ