Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 15:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ابرام خداوند تي يقين ڪيو، انهيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ هن خداوند تي ايمان آندو؛ ۽ هن اهو سندس لاءِ راستبازي شمار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 15:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو سندس دل کي پاڻ ڏانهن سچو ڏٺو، ۽ ساڻس عهد ٻڌو تہ تون ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، يبوسين ۽ جِرجاشين جو ملڪ انهيءَ جي اولاد کي عطا ڪندين. تو پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي ڇاڪاڻ تہ تون سچو آهين.


اهو ڪم فينحاس لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي، هائو، هميشہ تائين سندس سچائي ڪري ليکيو ويو.


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


ڇا اها سڀاڳائي دائود رڳو انهن لاءِ چئي آهي جيڪي طهريل آهن؟ نہ. پر ان جو واسطو انهن سان بہ آهي جيڪي طهريل نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اسان اڳ ۾ بيان ڪيو آهي تہ ابراهيم جي ايمان رکڻ جي ڪري ئي خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکيو.


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


اهڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اها ڳالهہ پوري ٿي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“ انهيءَ ڪري هو خدا جو دوست سڏيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ