تڏهن موسيٰ يعزير شهر تي پڻ حملي ڪرڻ لاءِ جاسوسي ڪرائي ۽ اهو شهر آسپاس وارن ڳوٺن سميت بني اسرائيل جي قبضي ۾ آندو ويو. اهڙيءَ طرح جيڪي اموري اتي رهندا هئا تن کي ڀڄائي ڪڍيائون.
ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.