Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 15:2 - Muslim Sindhi Bible

2-3 پر ابرام جواب ڏنو تہ ”اي خداوند خدا! تنهنجي انعام مان مون کي ڪهڙو فائدو پهچندو، ڇو تہ آءٌ بي‌اولاد آهيان؟ منهنجو وارث تہ رڳو منهنجي گھر جو نوڪر اليعزر دمشقي آهي. جيئن تہ تو مون کي اولاد ڪونہ ڏنو آهي، سو اهو ئي منهنجي ملڪيت جو وارث ٿيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ابرام چيو تہ اي خداوند خدا تون مون کي ڇا ڏيندين؟ آءٌ تہ بي اولاد آهيان ۽ منهنجي گهر جو مختيار اليعزر دمشقي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 15:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هن پنهنجي ماڻهن جون جدا جدا ٽوليون ٺاهيون ۽ رات جي وقت هنن تي حملو ڪري کين شڪست ڏنائين. هو حوبہ تائين، جيڪو دمشق شهر جي اتر ۾ آهي، هنن جي پٺيان پيو.


تنهن کان پوءِ رويا ۾ خداوند ابرام کي چيو تہ ”اي ابرام! ڊڄ نہ، آءٌ تو کي خطري کان پناهہ ڏيندس ۽ تو کي وڏو انعام ڏيندس.“


پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.


هڪڙي ڏينهن هن پنهنجي پراڻي نوڪر کي سڏيو، جيڪو سندس سڄي ملڪيت سنڀاليندو هو ۽ چيائينس تہ ”پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رک.


جيئن تہ ربقہ سنڍ هئي، تنهنڪري اسحاق انهيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي.


هن گھر ۾ مون کان وڏو ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هن ڪابہ شيءِ مون کان پري نہ رکي آهي، سواءِ توهان جي، ڇاڪاڻ تہ توهين سندس زال آهيو. پوءِ ڀلا آءٌ ڪيئن ههڙو بڇڙو ڪم ڪريان ۽ خدا جو ڏوهاري ٿيان؟“


سو هو يوسف جي منتظم جي ويجھو آيا ۽ گھر جي دروازي وٽ چيائونس تہ


پوءِ يوسف پنهنجي گھر جي منتظم کي حڪم ڏنو تہ ”هنن ماڻهن جي ٻورن ۾ ايترو اناج ڀر جيترو هو کڻي سگھن ۽ هر هڪ ماڻهوءَ جا پئسا سندس ٻوري جي منهن ۾ وجھي ڇڏ.


ٻار خداوند جو عطيو آهن، هائو، اهي والدين لاءِ خداوند جي طرفان هڪ نعمت آهن.


اميد پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيڻ ڪري دل ٽٽي پوي ٿي، مگر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي، تڏهن دل خوشين سان ڀرجيو وڃي.


عقلمند نوڪر مالڪ جي انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو، جيڪو پيءُ جي خواريءَ جو باعث آهي. مالڪ پنهنجي انهيءَ نوڪر کي ملڪيت مان پٽن سان گڏ حصو ڏيندو.


ارام جي گاديءَ واري شهر دمشق بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، هاڻي کان پوءِ دمشق شهر نہ رهندو، بلڪ اهو رڳو برباديءَ جو ڍير بڻجي ويندو.


تن جي يادگار لاءِ آءٌ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي چوديواريءَ اندر، سندن نالي جو ڄڻڪ هڪ ٿنڀو کڙو ڪندس، ۽ اهو يادگار انهيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندو، جو ٻارن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي. هائو، آءٌ انهن مان هر هڪ جو نالو اهڙو قائم ڪندس، جيڪو ڪڏهن بہ مٽجي نہ سگھندو.


دمشق بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”حمات ۽ ارفاد شهرن جا رهاڪو فڪرمند ٿيندا، اهي پريشان ٿي ويندا، ۽ سندن دلين ۾ بي‌قرار سمنڊ وانگر هلچل مچي ويندي، ڇاڪاڻ تہ اهي هيءَ بري خبر ٻڌندا تہ


خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.


رکوالي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اها هڪڙي ڌاري نوجوان عورت آهي، جا موآب جي ملڪ مان نعوميہ سان گڏجي آئي آهي.


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ