پيدائش 15:16 - Muslim Sindhi Bible16 سو چئن پيڙهين کان پوءِ تنهنجو اولاد هتي موٽي ايندو، ڇاڪاڻ تہ امورين جي بدڪاري اڃا تائين پنهنجي حد کي نہ پهتي آهي جو کين سزا ڏئي هڪالي ڪڍان.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مالمتاع هوندو.
اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.