Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 15:13 - Muslim Sindhi Bible

13-15 تڏهن خداوند ابرام کي چيو تہ ”تون آرام سان دم ڏيندين ۽ وڏي ڄمار ۾ دفن ٿيندين. پر تو کي خبر هجي تہ تنهنجو اولاد هڪ ڌارئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهندو، اُتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليفون ڏيندا رهندا. پوءِ آءٌ انهيءَ قوم کي سزا ڏيندس جنهن انهن کي غلام بڻايو هوندو ۽ جڏهن تنهنجو اولاد اهو ڌاريو ملڪ ڇڏي نڪري ايندو تہ وٽس گھڻو مال‌متاع هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 15:13
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو چئن پيڙهين کان پوءِ تنهنجو اولاد هتي موٽي ايندو، ڇاڪاڻ تہ امورين جي بدڪاري اڃا تائين پنهنجي حد کي نہ پهتي آهي جو کين سزا ڏئي هڪالي ڪڍان.“


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


هنن فرعون کي ائين بہ چيو تہ ”اسين هن ملڪ ۾ ڪجھہ وقت رهڻ لاءِ آيا آهيون، ڇو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ سخت ڏڪار آهي ۽ اُتي اسان يعني توهان جي ٻانهن جي ڌڻن لاءِ چارو ڪونهي. تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ڏيو.“


اهو سڀ هن پنهنجي انهيءَ ذاتي واعدي موجب ڪيو، جيڪو پنهنجي بندي ابراهيم سان ڪيو هئائين.


سو مصرين کين پيڙڻ لاءِ مٿن رکوالا مقرر ڪيا تہ جيئن اهي کين بيگر ۾ وهائين. اهڙيءَ طرح هنن فرعون جي لاءِ ذخيري ڪرڻ جا شهر پتوم ۽ رعمسيس اڏيا.


تڏهن هو بني اسرائيل کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا.


انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.


تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.


اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“


تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي فرعون ڏانهن موڪليان تہ جيئن تون منهنجي قوم بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.“


مون فيصلو ڪيو آهي تہ اوهان کي مصر وارن جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.‘


انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اسان جا ابا ڏاڏا مصر ۾ ويا ۽ اسين ڪيترائي سال اتي رهياسين. مصرين اتي اسان سان ۽ اسان جي ابن ڏاڏن سان خراب سلوڪ ڪيو.


سو جڏهن ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو


منهنجو مطلب هي آهي تہ جنهن عهد جي خدا پهريائين ئي تصديق ڪئي هئي تنهن کي شريعت، جيڪا چار سؤ ٽيهن سالن کان پوءِ آئي، سا ڪوڙو ڪري نہ ٿي سگھي، نہ تہ خدا جو واعدو بيڪار ٿي وڃي ها.


تنهنڪري اوهين ڌارين سان پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


ياد رکو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ مون خداوند اوهان جي خدا پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي اتان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري مون خداوند اوهان جي خدا سبت جي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اوهان کي حڪم ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ