12 سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ اچي ويئي ۽ وڏي هيبتناڪ اونداهي مٿس ڇانئجي ويئي.
12 ۽ سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ آئي ۽ ڏسو، هڪڙي هيبتناڪ اوندهہ مٿس ڇانئجي ويئي.
پوءِ انهن ٽُڪرن تي ڳجھون اچي لٿيون، پر ابرام انهن کي پري هڪلي ڇڏيو.
پوءِ خداوند خدا آدم کي گَهري ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. جڏهن هو ستل هو تہ سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي اتي گوشت ڀري ڇڏيائينس.
هو سج لٿي جو هڪڙيءَ جاءِ تي پهتو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. اتان هن هڪڙو پٿر کڻي وِهاڻو ڪيو ۽ انهيءَ ئي هنڌ ليٽي سمهي پيو.
رات جو جڏهن انسان پنهنجي بستري تي گھاٽي ننڊ ۾ ستل هوندو آهي، تڏهن خدا خوابن ۽ رويائن جي صورت ۾ ساڻس ڳالهائي ٿو.
يوتخس نالي هڪڙو نوجوان دريءَ ۾ ويٺو هو. اڌ رات جو کيس ننڊ اچڻ لڳي ۽ جيئن تہ پولس گھڻي وقت تائين ڳالهائيندو رهيو سو ان کي ايتري تہ گَهري ننڊ وٺي ويئي جو هو ٽِماڙ تان هيٺ ڪري پيو. جيئن جو اچي کيس کڻن تہ هو مري چڪو هو.
پوءِ دائود اهو نيزو ۽ پاڻيءَ جي گھُگھي سائول جي سيرانديءَ کان کڻائي ورتي ۽ ٻيئي ڄڻا روانا ٿي ويا. کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي ۽ نہ وري ڪو جاڳيو ئي. هو سڀ ستا پيا هئا، ڇاڪاڻ تہ خداوند انهن سڀني تي گَهري ننڊ موڪلي هئي.