11 پوءِ انهن ٽُڪرن تي ڳجھون اچي لٿيون، پر ابرام انهن کي پري هڪلي ڇڏيو.
11 پوءِ شڪاري پکي اچي انهن ٽڪرن تي لٿا، پر ابرام انهن کي هڪليندو رهيو.
ابرام خدا لاءِ اهي سڀ وٺي آيو. انهن کي وچان وڍي ٻہ اڌ ڪيائين ۽ اهي اڌ هڪٻئي جي سامهون رکيائين. پر پکين کي ٻہ اڌ نہ ڪيائين.
سج لهڻ مهل ابرام کي ڏاڍي ننڊ اچي ويئي ۽ وڏي هيبتناڪ اونداهي مٿس ڇانئجي ويئي.
تنهنجا ٻڌايل اهي قاعدا آءٌ پنهنجي زبان سان ٻين آڏو بيان ڪندس.
کين مون خداوند خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ هڪڙو وڏو عقاب، جنهن کي وڏا پر ۽ ڊگھيون کنڀڙاٽيون هيون، سو پنهنجي خوبصورت کنڀن سان اڏامندو لبنان جي جبلن تي آيو، ۽ ديال جي وڻ جي چوٽيءَ واري ٽاري ڀڃي ڇڏيائين.
اتي ئي هڪڙو ٻيو وڏو عقاب پڻ رهندو هو، جنهن کي وڏا وڏا پر ۽ گھڻا کنڀ هئا. هاڻي ڇا ڏسان! تہ انهيءَ انگورن جي ول پنهنجي ٻاريءَ کي ڇڏي پنهنجيون پاڙون انهيءَ عقاب ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجيون ٽاريون انهيءَ ڏانهن وڌايائين، انهيءَ اميد سان تہ اهو ان کي وڌيڪ پاڻي مهيا ڪري.
ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا ۽ پکي اچي انهن کي چُڳي ويا.