Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 14:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 14:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري ماڻهو ان کوهہ کي جيڪو قادش ۽ برد جي وچ ۾ آهي، ”ڏسندڙ جيئري خدا جو کوهہ“ سڏيندا آهن.


ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.


عيسوءَ جي پٽ اليفز کي تِمنع نالي سريت هئي، جنهن مان کيس عماليق نالي هڪ پٽ ڄائو. اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا.


قورح، جعتام ۽ عماليق. اهي سڀ عيسوءَ جي زال عدہ جا پوٽا هئا.


تڏهن ڪن ماڻهن اچي يهوسفط کي ٻڌايو تہ ”کاري سمنڊ جي پرينءَ ڀر ادوم کان هڪڙو وڏو لشڪر توهان تي ڪاهيو ٿو اچي. اهي حصيصون‌تمر (يعني عين‌جديءَ) تي اڳ ۾ ئي قبضو ڪري چڪا آهن.“


عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.


جد جي حصي جي ڏکڻ پاسي ملڪ جي سرحد هوندي. اها سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


اُتي عماليقي ۽ ڪنعاني اوهان سان منهن مقابل ٿيندا ۽ اوهين جنگ ۾ مارجي ويندا. جيئن تہ اوهين خداوند کان ڦري ويا آهيو، تنهنڪري خداوند اوهان جو ساڻي نہ ٿيندو.“


تڏهن عماليقي ۽ ڪنعاني جيڪي انهيءَ جابلو علائقي ۾ رهندا هئا، تن هيٺ لهي مٿن حملو ڪيو ۽ حرماہ تائين کين ماريندا آيا.


بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


”پوءِ اسين خداوند پنهنجي خدا جي حڪم موجب سينا جبل کان روانا ٿياسين ۽ انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان مان لنگھياسين، جيڪو اوهان امورين جي جابلو علائقي ڏانهن ويندي واٽ تي ڏٺو. پوءِ اسين قادش‌برنيع ۾ اچي پهتاسين.


سو اوهين ڪيترن ئي ڏينهن تائين قادش ۾ رهيا، ايتري قدر جو ڪافي عرصو گذري ويو.“


نبسان، لوڻ جو شهر ۽ عين‌جدي، ڪل ڇهہ شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ