Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 14:5 - Muslim Sindhi Bible

5 چوڏهين سال ڪدرلاعمر ۽ سندس اتحادي بادشاهہ پنهنجين فوجن سان آيا ۽ رفائين کي عشتارات‌قرنيم ۾، زوزين کي هام ۾، ايمين کي سوي‌قريتيم شهر ۾

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 14:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ٻارهن سالن تائين ڪدرلاعمر جي قبضي هيٺ رهيا، پر تيرهين سال انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪيائون.


لاباري جي شروعات واري موسم ۾ ”ٽيهن جو ٽولو“ ۾ شامل اهي ٽيئي وڏا بهادر عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو لشڪر رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙي رهي پيو هو.


فلستي اچي رفائين جي ماٿريءَ ۾ پهچي اُتي رهي پيا.


پوءِ فلستي هڪ دفعو وري چڙهائي ڪري آيا ۽ رفائين جي ماٿريءَ ۾ رهي پيا.


هڪ ڏينهن ٽيهن بهادرن مان اهي ٽي ڄڻا ٽڪريءَ ڏانهن عدلام جي غار ۾ دائود وٽ آيا، جڏهن تہ فلستين جو هڪ جٿو رفائين جي ماٿريءَ ۾ خيما کوڙيو رهيو پيو هو.


فلستي اچي رفائين ماٿريءَ ۾ پهتا ۽ ڦرلُٽ شروع ڪري ڏنائون.


انهن اتي چڱو سرسبز چراگاهہ لڌو جيڪو هڪ وسيع علائقي تائين پکڙيل هو. اهو علائقو امن ۽ سڪون وارو هو. اڳ جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا سي بني حام قبيلي مان هئا.


ان کان پوءِ يعقوب پنهنجي ڪٽنب سميت آيو، ۽ مصر ملڪ ۾ ڌارئي طور رهڻ لڳو.


هنن مصري ماڻهن منجھہ خداوند جا معجزا ڏيکاريا، هائو، سندن ملڪ ۾ عجيب وَ غريب ڪم ڏيکاريائون.


جيتوڻيڪ خدا مصر ملڪ ۾ هنن لاءِ عجيب وَ غريب ڪم ڪيا، ۽ ڳاڙهي سمنڊ تي پڻ سندن لاءِ هيبتناڪ ڪم ڪيائين، تنهن هوندي بہ هنن کيس وساري ڇڏيو.


هن مصر وارن جي پهريتن پٽن کي ماري ڇڏيو، جيڪي هر مصريءَ جي گھراڻي جا پڳدار پٽ هئا.


تڏهن اسرائيل ملڪ جو حال اهڙي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن ۾ بيٺل فصل جو اهڙيءَ طرح لابارو ڪيو ويو هجي، جو ان ۾ هڪڙو سنگ بہ نہ ڇڏيو ويو هجي. هائو، ان جو حال رفائين جي ماٿريءَ جي اهڙي سکڻي ٻنيءَ جهڙو ٿيندو، جنهن مان سنگ ميڙي ان کي خالي ڪيو ويو هجي.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي نبو شهر وارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ سندن شهر ويران ٿي ويندو. قريتائم شهر جا رهاڪو پڻ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ سندن شهر جو ڪوٽ ڪيرايو ويندو، ۽ شهر قبضي هيٺ اچي ويندو.


قريتائم، بيت‌جمول، بيت‌معون،


روبن قبيلي وارن هي شهر وري تعمير ڪيا: حشبون، العالي ۽ قريتائم،


اهو ان وقت کان پوءِ ٿيو هو جڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون کي، جيڪو حشبون تي راڄ ڪندو هو شڪست ڏيئي ماريو هو ۽ ان کان پوءِ بسن جو بادشاهہ عوج، جيڪو عشتارات تي راڄ ڪندو هو تنهن کي پڻ ادرعيءَ ۾ شڪست ڏيئي ماريو هئائين.


رفائين جي نسل منجھان رڳو بسن جو بادشاهہ عوج وڃي رهيو هو. هن جو پلنگ لوهہ جو ٺهيل هو، جنهن جي ڊيگھہ چار ميٽر ۽ ويڪر پوڻا ٻہ ميٽر هئي. اهو بني عمون جي شهر ربہ ۾ اڃا بہ موجود آهي.


جِلعاد جو باقي حصو ۽ سڄو بسن، جيڪو عوج جي بادشاهت ۾ هو، سو مون منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏنو.“ بسن ۾ ارجُوب جي سڄي علائقي کي رفائين جو ملڪ بہ سڏيندا هئا.


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا پاڻ اوهان جي طرفان جنگ ڪندو.‘“


ٻيو بسن جو بادشاهہ عوج هو، جيڪو باقي بچيل رفاعين مان هو ۽ عستارات ۽ ادرعيءَ ۾ ويهي پنهنجي ملڪ تي راڄ ڪندو هو.


بسن ۾ عوج بادشاهہ جيڪو رفائين جي باقي بچيل نسل مان هو ۽ عستارات ۽ ادرعي تي راڄ ڪندو هو، تنهن جي سڄي بادشاهت انهيءَ ۾ شامل هئي. موسيٰ انهن کي شڪست ڏيئي کين بي‌دخل ڪري ڇڏيو هو.


قريتائم، سبماہ ۽ ضرت‌السحر جيڪو ماٿريءَ ۾ ٽڪر تي آهي،


منجھس اڌ جِلعاد، عستارات ۽ ادرعي، جيڪي بسن ۾ عوج جي بادشاهت جا گاديءَ وارا شهر هئا، سي پڻ شامل هئا. اهي سڀ منسيءَ جي پٽ مڪير جي اولاد جي اڌ گھراڻن کي ڏنا ويا.


۽ جيڪي هن اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر امورين جي ٻنهي بادشاهن سان ڪيو، يعني حشبون جي بادشاهہ سيحون سان ۽ بسن جي بادشاهہ عوج سان جيڪو عستارات ۾ رهندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ