پيدائش 14:20 - Muslim Sindhi Bible20 سڀ تعريف انهيءَ خدا تعاليٰ جي آهي جنهن تو کي تنهنجي دشمنن تي سوڀ ڏني.“ پوءِ ابرام سموري هٿ ڪيل مال مان ڏهون حصو ملڪِصدق کي ڏنو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible20 سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ کان سواءِ اسين پنهنجي فصل مان پهرئين اٽي جو ڳوهيل چاڻو، پنهنجي وڻن جو پهريون ميوو ۽ پنهنجي تيار ڪيل پهرين مئي ۽ زيتون مان نڪتل پهريون تيل پنهنجي نذراني طور ڪاهنن وٽ پنهنجي خداوند جي هيڪل جي گدام ۾ رکڻ لاءِ آڻينداسون. اسين پنهنجي زمين جي پيداوار جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسون، ڇاڪاڻ تہ اهي ئي اسان جي پوک وارين ٻنين جي پيداوار جو ڏهون حصو گڏ ڪندا آهن.