Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 14:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ملڪِ‌صدق جيڪو سالم جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو خاص بندو هو، تنهن بہ ماني ۽ مئي وٽس آندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 14:18
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن يبيس جي ماڻهن ڏانهن قاصد موڪليا. کين چوائي موڪليائين تہ ”خداوند شل اوهان کي برڪت وارو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا سائول تي اها مهرباني ڪئي جو کيس دفن ڪيو اٿوَ.


تون مئي کي پيدا ڪرين ٿو، جيڪا ماڻهن جي دل خوش ٿي ڪري، تون تيل کي پيدا ڪرين ٿو، جنهن سان هو پنهنجي چهري کي چمڪائين ٿا، ۽ تون انهن کي ماني ڏين ٿو جيڪا کين طاقت بخشي ٿي.


خداوند قسم کڻي تو سان واعدو ڪيو آهي، جيڪو هو ڪڏهن نہ ٽوڙيندو تہ ”تون ملڪصدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن ٿيندين.“


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


آءٌ خدا تعاليٰ کي پڪاريان ٿو، هائو، خدا کي جيڪو منهنجي لاءِ سڀ ڪجھہ ڪري ٿو.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي.


هن انهيءَ جبل تي حملو ڪندڙن جا تکا تير ڀڃي ڇڏيا، هائو، سندن ڍالون، تلوارون ۽ جنگ جا سڀ هٿيار ٽوڙي ڇڏيائين.


اها ڳالهہ اڃا بادشاهہ جي زبان تي ئي هئي تہ آسمان مان هڪڙو آواز آيو، جنهن چيو تہ ”اي بادشاهہ نبوڪدنضر! تو کي چيو ٿو وڃي تہ بادشاهي تنهنجي هٿان هاڻي جو هاڻي نڪري ويئي آهي.


پوءِ بني اسرائيل سوال ڪيو تہ ”جڏهن اسين خدا تعاليٰ جي آڏو سجدو ڪرڻ لاءِ اچون تہ ڪهڙا نذرانا کڻي آڻي سندس حضور ۾ پيش ڪريون؟ ڇا اسين کيس خوش ڪرڻ لاءِ ڀلا ڀلا وهڙا ساڙڻ واري قربانيءَ طور سندس حضور ۾ آڻيون؟


اهڙيءَ طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين مون خداوند جي لاءِ خاص نذرانو پيش ڪجو. اهو خاص نذرانو اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو.


هائو، قادرِمطلق جي رويا ڏسندي آءٌ سجدي ۾ ڪران ٿو. آءٌ خدا تعاليٰ جو فرمان ٻڌي سندس ڄاڻ حاصل ڪريان ٿو. پوءِ هي گفتو چوان ٿو تہ


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، جيڪي اوهان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“


تنهن هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو نبيءَ جي معرفت فرمائي ٿو تہ ’آسمان منهنجو تخت آهي ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا، يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟


تنهنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻهن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انهن سان جيڪي ايمان رکڻ جي وسيلي اسان سان هڪ ئي خاندان ۾ شامل آهن.


اهڙيءَ طرح پاڪ لکت ۾ ڪنهن ٻئي هنڌ کيس هي بہ فرمايو اٿائين تہ ”تون ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو هميشہ وارو ڪاهن آهين.“


اتي عيسيٰ هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.


هي اهو ملڪِ‌صدق آهي، جيڪو سالم شهر جو بادشاهہ ۽ خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو. جڏهن ابراهيم چئن بادشاهن کي قتل ڪري موٽيو پئي آيو تہ ملڪِ‌صدق ساڻس گڏيو ۽ کيس دعائون ڏنائين.


هن وراڻيس تہ ”خداوند تو کي برڪت ڏئي. تو هيءَ پوئين مهرباني پنهنجي سس تي ڪيل مهربانيءَ کان بہ وڌيڪ ڏيکاري آهي. اُها هيءَ تہ تون ڪنهن نوجوان، پوءِ اهو امير هجي يا غريب، تنهن جي پٺيان نہ ويئي آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ