Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 14:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 14:14
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين.


ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا،


پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي.


هو ابرام جي ڀائٽي لوط کي جيڪو سدوم ۾ رهندو هو، سندس مال ملڪيت سميت پڪڙي وٺي ويا.


جيڪو مال‌متاع کڄي ويو هو سو هٿ ڪيائين. هو لوط کي پڻ سندس مال‌متاع، عورتن ۽ ٻين پڪڙيل ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.


پوءِ ابراهيم انهيءَ ئي ڏينهن خدا جي حڪم موجب پنهنجي پٽ اسماعيل ۽ پنهنجي گھر جي ماڻهن مان سڀني مردن جو، پنهنجي گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت سڀني جو طهر ڪيو.


سندس گھر ۾ ڄاول ۽ خريد ڪيل غلامن سميت گھر جي سڀني مردن جو طهر ساڻس گڏ ٿيو.


نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


”سائين! اسان جي ڳالهہ ٻڌو. اسين اوهان کي هڪ وڏو سردار سمجھندا آهيون. اسان جي قبرستان ۾ جيڪا بہ جاءِ اوهان کي وڻي اتي پنهنجو مُڙدو دفن ڪريو. اسان مان ڪوبہ اوهان کي انهيءَ جاءِ کان منع نہ ڪندو.“


بن‌هدد آسا بادشاهہ جي ڳالهہ مڃي ۽ پنهنجا سالار لشڪرن سميت اسرائيل ملڪ جي شهرن تي ڪاهہ ڪرڻ لاءِ موڪليائين. هنن عيون، دان، ابيل بيت‌معڪہ، گليل ڍنڍ جي آس‌پاس وارو علائقو ۽ نفتاليءَ جو سڄو علائقو قبضي ڪري ورتو.


”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


دوست بيشڪ پنهنجي دوستي نڀائي ٿو، مگر ڀاءُڀيڻ تہ پيدا ئي مصيبت ۾ ساٿ ڏيڻ لاءِ آهن.


مون ڪيترائي غلام ۽ ٻانهيون پڻ خريد ڪيون، جن جا پٽ ۽ ڌيئرون، جيڪي پيدا ٿيا سي بہ منهنجا نوڪر چاڪر بڻيا. مون وٽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا گھڻا ئي ڌڻ هئا. هائو، منهنجي ملڪيت انهن سڀني کان وڌيڪ هئي جيڪي مون کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا.


تڏهن هو پنهنجا سمورا ماڻهو ساڻ ڪري اسماعيل سان وڙهڻ لاءِ نڪتا. هو جِبعون واري پهاڙي کوهہ وٽ اچي کيس پهتا.


پوءِ موسيٰ موآب جي ميدان مان نبو جبل جي پسگاہ نالي چوٽيءَ تي چڙهي ويو، جيڪا يريحو شهر جي سامهون آهي. خداوند هن کي جِلعاد جو سڄو علائقو اتر طرف دان شهر تائين ڏيکاريو.


پيارا ٻارؤ! هي آخري وقت آهي. اوهان ٻڌو آهي تہ مسيح جو هڪ مخالف اچڻ وارو آهي، جڏهن تہ هاڻي مسيح جا ڪيترائي مخالف ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ هي ئي آخري وقت آهي.


هنن انهيءَ شهر جو نالو ليس مان ڦيرائي دان رکيو، يعني پنهنجي وڏي دان جي نالي پٺيان، جيڪو يعقوب جو پٽ هو.


تڏهن سمورا بني اسرائيل اوڀر ۾ جِلعاد علائقي کان ۽ اتر ۾ دان شهر کان وٺي ڏکڻ ۾ بيرسبع شهر تائين هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا. هو مصفاہ شهر ۾ خداوند جي حضور ۾ اچي گڏ ٿيا.


هنن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي، نہ ننڍي نہ وڏي، نہ پٽ نہ ڌيءَ، نہ لٽ جو مال، نڪا وري ٻي ڪا شيءِ جا هو کڻي ويا هئا، بلڪ سڀ جو سڀ دائود موٽائي آندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ