Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 14:10 - Muslim Sindhi Bible

10 سديم ماٿري ڏامر جي ڌٻڻ وارين کڏن سان ڀري پيئي هئي. جڏهن سدوم ۽ عموراہ جا بادشاهہ جنگ مان ڀڳا ٿي ويا تہ وڃي انهن کڏن ۾ ڪريا، پر ٻيا ٽي بادشاهہ جبلن ڏانهن ڀڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 14:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون.“ سو انهن پٿر جي جاءِ تي سرون ۽ انهن کي پاڻ ۾ چنبڙائڻ لاءِ مسالي جي جاءِ تي ڏامر تيار ڪيو.


پوءِ اهي چار بادشاهہ سدوم ۽ عموراہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي خوراڪ جون سڀ شيون کڻي هليا ويا.


جڏهن ابرام ڪدرلاعمر ۽ ٻين بادشاهن کي شڪست ڏيئي واپس موٽيو تہ سدوم جو بادشاهہ، شويہ جي ماٿريءَ تائين سندس استقبال لاءِ آيو، جنهن کي بادشاهي ماٿري بہ چئجي ٿو.


تڏهن سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو توڙي منهنجو سڀ مال ملڪيت ڀلي تون پاڻ وٽ رک، پر منهنجا سمورا ماڻهو مون کي موٽائي ڏي.“


انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.


انهن عيلام جي بادشاهہ، گوئِم جي بادشاهہ، شِنعار جي بادشاهہ ۽ الاسار جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي. پنج بادشاهہ چئن سان وڙهيا.


ٻاهر پهچڻ کان پوءِ ملائڪن مان هڪڙي چيس تہ ”پنهنجي جان بچائي ڀڄ، پٺتي اصل نہ نهارجانءِ ۽ نہ ئي وري هن ميدان ۾ ترسجانءِ. هنن جبلن ڏانهن ڀڄي وڃ تہ جيئن مرڻ کان بچي وڃين.“


لوط صغر ۾ رهڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري هو ۽ سندس ٻئي ڌيئر مٿي وڃي جبل جي هڪ غار ۾ رهڻ لڳا.


اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.


هائو، جيڪي دهشت واري آواز کان ڀڄندا، سي کڏ ۾ وڃي ڪرندا. جيڪي کڏ مان نڪري ٻاهر ايندا، سي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا. مطلب تہ اوهان مان ڪوبہ بچي نہ نڪرندو، ڇاڪاڻ تہ آسمان مان برسات جو وهڪرو اچي نازل ٿيندو، ۽ ڌرتيءَ جا بنياد لوڏيا ويندا.


جيڪي دهشت کان ڀڄي نڪرندا سي کڏ ۾ ڪري پوندا، ۽ جيڪي کڏ مان مٿي نڪري ايندا سي ڦندي ۾ ڦاسي پوندا. انهيءَ سبب جو مون خداوند اوهان موآب وارن لاءِ سزا جو وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي.


بني اسرائيل بيابان ۾ ئي عئيءَ شهر جي انهن سڀني ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏيو جن سندن پيڇو ڪيو هو. پوءِ هو عئيءَ شهر ڏانهن موٽيا ۽ اتي باقي بچيل ماڻهن کي پڻ تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ