Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:8
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“


جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو.


پوءِ هن پنهنجي ڀائرن کي روانو ڪيو. رواني ٿيڻ وقت کين چيائين تہ ”ڏسو، متان رستي تي پاڻ ۾ وڙهو.“


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


ڏسو، اها ڪيڏي نہ چڱي ۽ وڻندڙ ڳالهہ آهي، جو سڀيئي هم‌قوم گڏجي پاڻ ۾ ايڪي سان رهن!


ٻئي ڏينهن جڏهن وري ٻاهر نڪتو تڏهن ٻن عبرانين کي پاڻ ۾ وڙهندو ڏٺائين. انهن مان جيڪو ناحق تي هو تنهن کي چيائين تہ ”تون پنهنجي قوم واري کي ڇو ٿو مارين؟“


نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي.


جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي.


جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بي‌وقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.


ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪريو ۽ هڪٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو.


سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو،


هاڻي هڪٻئي سان پيار ڪرڻ بابت اوهان ڏانهن ڪجھہ لکڻ جي ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪرڻ خدا پاڻ اوهان کي سيکاريو آهي.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


هڪٻئي سان ڀائرن ڀينرن جهڙو پيار ڪندا رهو.


هاڻي جيئن تہ اوهان حق جي تابعداريءَ سان پاڻ کي پاڪ ڪيو آهي، جنهن سان اوهان ۾ ڀائراڻي ۽ حقيقي محبت جو جذبو پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري دل وَ جان سان پاڻ ۾ گَهري محبت رکو.


سڀني جي عزت ڪريو، هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن سان پيار ڪريو، خدا جو خوف رکو ۽ شهنشاهہ جو احترام ڪريو.


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.


سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.


اوهين دينداريءَ سان ڀائيچارو ۽ ڀائيچاري سان محبت وڌايو.


اي عزيزؤ! اچو تہ هڪٻئي سان پيار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ پيار خدا جي طرفان آهي. جيڪو پيار ڪري ٿو، سو خدا جو ٻار آهي ۽ هو خدا کي ڄاڻي ٿو.


تڏهن جعل ولد عبد پنهنجي گھراڻي وارن سميت سڪم شهر ۾ آيو ۽ اتان جي ماڻهن مٿس اعتماد ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ