Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:7
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.


تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.


پوءِ ابراهيم ابيملڪ کي پاڻيءَ جي هڪڙي کوهہ لاءِ ڏوراپو ڏنو جنهن تي هن جي نوڪرن زبردستيءَ قبضو ڪيو هو.


جرار شهر جي ڌنارن اسحاق جي ڌنارن سان جھيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هيءُ پاڻي اسان جو آهي.“ سو اسحاق کوهہ جو نالو ”جھيڙو“ رکيو.


تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


تڏهن اوهين جواب ۾ چئجوس تہ ’اسين توهان جا ٻانها پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مال چاريندا رهيا آهيون.‘ پوءِ هو اوهان کي جشن جي علائقي ۾ رهڻ ڏيندو.“ انهيءَ جو سبب هي آهي جو مصر جا ماڻهو ڌنارن کان ڪراهت ڪندا هئا.


مون کين وڌيڪ چيو تہ ”جيڪي اوهين ڪريو ٿا، سو ٺيڪ ناهي. اوهان کي خدا جو خوف ڪرڻ گھرجي تہ جيئن اسان جون دشمن غير قومون اسان کي ملامت نہ ڪن.


ان وقت ڪجھہ ڌنار اچي هنن کي اتان هٽائڻ لڳا. تڏهن موسيٰ اُٿي سندن مدد ڪئي ۽ سندن ڌڻ کي پاڻي پيئاريائين.


جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بي‌وقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن.


۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو.


جيئن تہ اوهان ۾ حسد ۽ جھيڙو جھڳڙو آهي، سو اوهين اڃا دنياوي ماڻهن وانگر آهيو. هائو، اوهين جسماني طور زندگي گذاريو ٿا.


بت‌پرستي، جادوگري، دشمني ۽ جھيڙو جھڳڙو، حسد، ڪاوڙ، ذاتي لالچ، جدايون ۽ ڌڙابندي،


جن اڃا ايمان نہ آندو آهي، تن سان هر هڪ موقعي جو فائدو وٺندي ڏاهپ سان هلت ڪندا رهو.


انهيءَ طرح اوهين ڪنهن بہ شيءِ جا محتاج نہ رهندا ۽ اوهان جي روزاني هلت چلت جي ڪري ڪليسيا کان ٻاهر وارن سان اوهان جو رويو بهتر رهندو.


ڏس، اسين ڪنهن وقت نادان، نافرمان، گمراهہ ۽ طرح طرح جي نفساني خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين بغض ۽ حسد جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جتي حسد ۽ خودغرضي هوندي آهي، اتي جھيڙو جھڳڙو ۽ هر طرح جو برو ڪم بہ هوندو آهي.


اوهان ۾ جھيڙا جھڳڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا اهي انهن عيش عشرت وارين خواهشن مان نہ ٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ جھيڙو جھڳڙو پيدا ٿيون ڪن؟


غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ