تو هن جي، سندس ڪٽنب جي ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس آهي، تنهن سڀ جي هميشہ حفاظت نہ پئي ڪئي آهي ڇا؟ تو هن جي هٿن جي ڪم ۾ برڪت وڌي آهي ۽ هن جي ڍورن ڍڳن کي پوري ملڪ ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿيئي.
هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.
پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.