Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:16 - Muslim Sindhi Bible

16 آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:16
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند کيس ٻاهر وٺي ويو ۽ چيائينس تہ ”آسمان ڏانهن نهار ۽ تارن کي ڳڻڻ جي ڪوشش ڪر. تو کي ايترو ئي اولاد ٿيندو جيترا اهي تارا آهن.“


پوءِ هن وڌيڪ چيس تہ ”آءٌ تنهنجي اولاد کي ايترو تہ وڌائيندس جو ڪوبہ انهن جو شمار نہ ڪري سگھندو.


آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


آءٌ تو سان هڪ عهد ٻڌندس جنهن مطابق تو کي گھڻو اولاد ڏيندس.“


باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.


آءٌ تو کي گھڻو اولاد ڏيندس ۽ انهن مان ڪي بادشاهہ ٿيندا. تو کي ايترو تہ اولاد ٿيندو جو اهي مختلف قومون بڻجي پوندا.


آءٌ هن ٻانهيءَ جي پٽ کي بہ ٻار ڏيندس ۽ اهي هڪ وڏي قوم ٿيندا. هي بہ تہ تنهنجو ئي اولاد آهي.“


سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو.


آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو!


پر تو تہ چيو آهي تہ ’آءٌ تو کي خوشحال بڻائيندس ۽ تنهنجو اولاد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو وڌائيندس جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.‘“


سو هن اها رات اتي ئي گذاري ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن مان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ ڪجھہ کنيائين،


خدا چيس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. تون گھڻي اولاد وارو ٿيءُ. تو مان هڪڙي قوم بلڪ گھڻيون قومون پيدا ٿينديون ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


تڏهن هن چيس تہ ”آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا. تون مصر وڃڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇو تہ آءٌ اتي تو منجھان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


آءٌ تنهنجو ٻانهو تنهنجي ئي چونڊيل قوم مان آهيان، جيڪا ايڏي تہ وڏي قوم آهي جنهن کي ڳڻي نہ ٿو سگھجي.


بني اسرائيل قوم جا ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا. هو کائيندا، پيئندا ۽ مزا ماڻيندا وتندا هئا.


پر خداوند هنن تي مهربان ٿيو ۽ مٿن رحم ڪيائين ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان پنهنجي ٻڌل عهد جي ڪري هنن تي ٻاجھہ ڪيائين. اڄ ڏينهن تائين هن کين تباهہ ڪرڻ يا پنهنجي حضور مان تڙي ڪڍڻ نہ چاهيو.


يوآب دائود کي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي لائق ماڻهن جو تعداد ٻڌايو تہ چار لک ستر هزار جوان مرد بني يهوداہ جا هئا ۽ جملي يارهن لک جوان مرد باقي بني اسرائيل جا هئا.


دائود بادشاهہ ويهن سالن جي عمر وارن يا انهيءَ کان گھٽ عمر وارن کي شمار نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند فرمايو هو تہ هو بني اسرائيل کي ايترو تہ وڌائيندو جيترا آسمان ۾ تارا آهن.


هاڻ اي خداوند خدا! جيڪو واعدو تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪيو هو سو برقرار رهي، ڇو تہ تو مون کي هڪڙي اهڙيءَ قوم جو بادشاهہ بڻايو آهي جيڪا شمار ۾ واريءَ جي ذرڙن کان بہ وڌيڪ آهي.


تون اهو بہ ڄاڻي وٺندين تہ تنهنجو اولاد وڌندو، هائو، تنهنجو نسل زمين جي گاهہ کان بہ گھڻو وڌندو ويندو.


پر سندن نسل يعني اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو ۽ گھڻو وڌندو رهيو. هو نهايت طاقت وارو ٿيو ۽ اهو ملڪ انهن سان ڀرجي ويو.


تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“


سو جيئن آسمان جا ستارا شمار ڪري نہ ٿا سگھجن، ۽ نہ ئي سمنڊ جي ڪناري جي واري ماپي ٿي سگھجي، تيئن آءٌ پنهنجي ٻانهي دائود جي اولاد کي ۽ پنهنجي خدمتگار لاوين کي وڌائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بني يعقوب، جنهن جو اولاد واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي، تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟ بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي. شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي، بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“


خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ايترو وڌايو آهي جو اڄ اوهين آسمان جي تارن وانگر بي‌شمار آهيو.


اهڙيءَ طرح هڪڙي اهڙي پوڙهي شخص مان جيڪو ڄڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي هو، ”آسمان جي تارن جيترو ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو بي‌شمار اولاد“ پيدا ٿيو.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


جڏهن بہ بني اسرائيل ڪجھہ پوکيندا هئا تہ مدياني، عماليقي ۽ اوڀر وارا ماڻهو اچي مٿن حملو ڪندا هئا.


هو پنهنجي چوپائي مال ۽ تنبن سميت مڪڙن جي ڪٽڪ وانگر ايندا هئا ۽ ملڪ کي اجاڙي ڇڏيندا هئا. هو پاڻ توڙي سندن اٺ ڳڻڻ کان ٻاهر هوندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ