Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 13:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 13:10
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان چونڊيو ۽ اوڀر طرف هليو ويو. اهڙيءَ طرح هو هڪٻئي کان ڌار ٿيا.


سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“


پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي.


پوءِ سدوم، عموراہ، ادمہ، ضبوئيم ۽ بالع يعني صغر شهرن جي بادشاهن سديم ماٿريءَ ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ پنهنجيون فوجون ڪڍيون.


عورت ڏٺو تہ وڻ ڏسڻ ۾ ڪهڙو نہ سهڻو آهي ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ڪيڏو نہ سٺو هوندو، سو سندس دل چاهڻ لڳي تہ ”آءٌ اهو کائي سمجھہ حاصل ڪريان.“ تڏهن ان ميوي مان ٿورو کڻي کاڌائين. پوءِ ان منجھان ٿورو پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين ۽ ان بہ کاڌو.


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


بادشاهہ انهن شين کي اردن جي ماٿريءَ واري ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان ڳوٺن جي وچ واري علائقي ۾ چيڪي مٽيءَ واري پڪل ڪالب ۾ پلٽرايو.


ڏس، جڏهن درياءُ جوش ۾ ٿو اچي تڏهن بہ هو ڪين ٿو ڊڄي، هن کي ڪا پرواهہ ئي نہ ٿي رهي، توڙي جو اردن درياءَ جو پاڻي سندس وات تائين چڙهيو اچي.


مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن.


آءٌ خداوند يقيناً يروشلم تي رحم ڪندس. هائو، ان جي برباد ٿيل جاين ۾ رهڻ وارن سڀني تي آءٌ رحم ڪندس، بلڪ آءٌ انهيءَ جي آس‌پاس بيابان کي بہ باغِ عدن جهڙو، ۽ رڻ‌پٽ کي خداوند جي باغ جهڙو ڪندس. پوءِ اتي خوشي ۽ سرهائي هوندي، ۽ شڪرگذاريءَ ۽ واکاڻ جا گيت پيا گونجندا.


حشبون ۽ العالي شهرن وارا رڙيون ڪندا. سندن رڙيون يهض شهر تائين، بلڪ ضغر کان وٺي حورونايم ۽ عجلت شليشياهہ شهرن تائين پيون ٻڌبيون، ڇاڪاڻ تہ برباديءَ سبب نمريم نهر جو پاڻي بہ سڪي ويندو.


تنهنجي وڏي ڀيڻ سامريہ جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي اتر طرف هئي. تنهنجي ننڍي ڀيڻ سدوم جي وسندي هئي، جيڪا پنهنجي پسگردائيءَ جي ڳوٺن سميت تنهنجي ڏکڻ طرف هئي.


ڏس، تنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ ۽ ان جي ڳوٺن جو قصور اهو هو جو کين انهيءَ ڳالهہ جو غرور هو تہ کين کائڻ لاءِ جھجھي خوراڪ ۽ عيش وَ آرام هو، پر هنن مسڪينن ۽ محتاجن جي دستگيري نہ ٿي ڪئي.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


مون خدا جي باغ وارا ديال جا وڻ بہ انهيءَ وڻ جهڙا نہ هئا. سِرو ۽ شاهہ‌بلوط جا وڻ بہ ان جي ٽارين کان ننڍا هئا. مطلب تہ منهنجي باغِ عدن جا وڻ بہ انهيءَ جهڙا خوبصورت نہ هئا.


مون ٽارين جي گھڻائيءَ جي وسيلي انهيءَ کي ايترو تہ سهڻو بڻايو هو، جو منهنجي باغِ عدن ۾ جيڪي بہ وڻ هئا، تن سڀني انهيءَ سان ريس ٿي ڪئي.


اوڀر طرف واري سرحد حوران ۽ دمشق جي وچ واري هنڌ کان ڏکڻ طرف ويندي اردن درياءَ تائين پهچندي. اتان اردن درياءُ خود سرحد ٿيندو جنهن جي اوڀر ۾ جِلعاد علائقو ۽ اولهہ ۾ بني اسرائيل جو ملڪ آهي. سو اوڀر طرف واري سرحد اتر واري حد کان وٺي کاري سمنڊ کان گذرندي ڏکڻ طرف تمر نالي جاءِ تائين هوندي.


اهي باهہ وانگر هر شيءِ کي ساڙي ڇڏيندا، هنن جي اڳيان جيڪي عدن جي باغ جهڙيون سرسبز ٻنيون آهن، تن سڀني کي اهي اهڙو برباد ڪري ڇڏيندا، جو سندن پٺيان اهي ويران ۽ بيابان نظر اينديون. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ ٿي سگھي.


هن کيس ڏکڻ وارو علائقو ۽ اردن ماٿري، يعني کجين جي وڻن واري شهر يريحو جي ماٿريءَ وارو ميدان ڏاکڻي شهر صوعر تائين ڏيکاريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ