Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:7 - Muslim Sindhi Bible

7 اتي خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”هي آهي اهو ملڪ جيڪو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“ پوءِ ابرام خداوند جي لاءِ، جنهن کيس ڏيکاري ڏني هئي، اتي هڪ قربان‌گاهہ ٺاهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:7
55 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کان پوءِ اتان نڪري بيت‌ايل شهر جي اوڀر طرف هڪ جابلو علائقي ۾ اچي پنهنجو تنبو کوڙيائين. بيت‌ايل سندس اولهہ طرف هو ۽ عئي شهر سندس اوڀر طرف. اتي هن هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي خداوند جي عبادت ڪئي.


جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو.


هاڻي اُٿ ۽ سڄي زمين گھمي ڏس، ڇوجو آءٌ اها سموري تو کي ڏيندس.“


سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي.


انهيءَ جاءِ تي اڳي هن قربان‌گاهہ بہ ٺاهي هئي. اتي هن خداوند جي عبادت ڪئي.


انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


تڏهن ابرام جھڪي سجدو ڪيو ۽ خدا ساڻس هم‌ڪلام ٿي چيو تہ


آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


پوءِ خداوند ابراهيم کي ممريءَ جي شاهہ‌بلوط وڻن وٽ ڏيکاري ڏني، جتي ابراهيم پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ٽاڪ منجھند جو ويٺو هو.


جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين.


خداوند عرش عظيم جي خدا مون کي منهنجي پيءُ جي گھر ۽ اباڻي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي. انهيءَ قسم کڻي مون سان عهد ٻڌو آهي تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين ڏيندس.‘ اهو ئي پنهنجي ملائڪ کي موڪليندو تہ جيئن تون اتان منهنجي پٽ جي لاءِ ڪنوار وٺي اچي سگھين.


پوءِ اسحاق اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ خداوند جي عبادت ڪئي. اتي هن پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ پنهنجي نوڪرن کان هڪڙو کوهہ کوٽايائين.


تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“


سو يعقوب انهيءَ جاءِ جو نالو هي چوندي فني‌ايل رکيو تہ ”مون خدا کي آمهون سامهون ڏٺو تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.“


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


جيڪو ملڪ مون ابراهيم ۽ اسحاق کي ڏنو هو سو آءٌ تو کي ڏيندس ۽ تو کان پوءِ اهو تنهنجي اولاد کي ڏيندس.“


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جاءِ جو نالو ”ايل بيت‌ايل“ رکيائين، ڇو تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ جي ڊپ کان ڀڳو ٿي ويو تڏهن انهيءَ ئي جاءِ تي خدا کيس ڏيکاري ڏني هئي.


آخرڪار هڪ ڏينهن يوسف پنهنجي ڀائرن کي چيو تہ ”هاڻي آءٌ مرڻ تي آهيان. پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو جنهن جي ڏيڻ جو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.“


پوءِ نوح خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ هر قسم جي پاڪ جانورن ۽ پکين مان هڪ هڪ کڻي قربان‌گاهہ تي آڻي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪيائين.


پوءِ دائود اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙائي ۽ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ملڪ جي لاءِ دعا ٻڌي ۽ بني اسرائيل قوم تان اها وبا ٽري ويئي.


انهن پٿرن سان هن خداوند جي نالي تي مخصوص انهيءَ قربان‌گاهہ جي مرمت ڪئي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري هن ايتري وڏي هڪڙي کڏ کوٽي، جنهن ۾ اٽڪل پندرهن ليٽر پاڻي ماپي سگھي.


هائو، اهو ئي عهد جيڪو هن ابراهيم سان ٻڌو هو، هائو، اهو ئي قسم جيڪو هن اسحاق سان کنيو هو.


جڏهن يعقوب کي فرمايائين تہ ”آءٌ تو کي ڪنعان جو ملڪ ڏيندس، تان‌تہ اهو ملڪ تنهنجي ميراث ٿئي.“


پر اهي اچي اسان کي انهيءَ جو بدلو اهو ٿا ڏين جو جيڪو ملڪ تو اسان کي ميراث ڪري ڏنو هو تنهن مان اسان کي ڪڍي ٻاهر ڪن.


تون ئي تہ اسان جو خدا آهين، جنهن هن ملڪ جي رهاڪن کي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو ۽ هي ملڪ پنهنجي دوست ابراهيم جي اولاد کي هميشہ جي لاءِ عطا ڪيو.


تڏهن يشوع ولد يوصدق ۽ سندس ٻيا ساٿي ڪاهن، زربابل ولد سالتي‌ايل ۽ سندس قوم وارا اٿيا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي قربان‌گاهہ تعمير ڪرڻ لڳا تہ جيئن انهيءَ تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، جيئن خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.


اتي موسيٰ هڪڙي قربان‌گاهہ بڻائي، جنهن جو نالو ”خداوند منهنجو جھنڊو“ رکيائين.


پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري وٽ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي واسطي يادگار طور ٿنڀي جيان ٻارهن پٿر کوڙيائين.


تون پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر، جن کي تو پنهنجيءَ ذات جو قسم کڻي فرمايو هو تہ ’آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس ۽ هيءُ سڄو ملڪ جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهيءَ جا وارث ٿيندا.‘“


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”روانا ٿيو. تون ۽ اهي سڀيئي ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، سي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ اهو آءٌ سندن اولاد کي ڏيندس.


جڏهن مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ڏيکاري ڏني، تڏهن اهي مون کي خدا قادرِمطلق ڪري ڄاڻيندا هئا. مون پنهنجو نالو ’خداوند‘ مٿن ظاهر نہ ڪيو هو.


مون انهن سان پنهنجو عهد ٻڌو هو تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو ڌارين وانگر رهندا هئا سو کين ڏيندس.


انهن ڏينهن ۾ اوهين اسرائيل جا رهاڪو يهوداہ جي رهاڪن سان ملي ويندا ۽ گڏجي اُتر واري ملڪ جي جلاوطنيءَ مان نڪري انهيءَ ملڪ ۾ ايندا جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ميراث ڪري ڏنو آهي.‘“


”انهن قبيلن کي اها زمين نالن موجب ورثي طور ورهائي ڏني وڃي.


’جيئن تہ هنن پوري دل سان منهنجي تابعداري نہ ڪئي آهي، تنهنڪري جيڪي مصر مان نڪري آيا آهن تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ سال يا انهيءَ کان مٿي هوندي، سو اهو ملڪ نہ ڏسندو جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


خدا ابراهيم کي هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر خدا ساڻس واعدو ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو.


مطلب تہ جسماني لحاظ کان پيدا ٿيل ٻار خدا جا ٻار نہ آهن، پر ابراهيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب جيڪي ٻار پيدا ٿيا، سي ئي ابراهيم جو اولاد ليکجن ٿا.


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين سارہ جي پٽ اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آهيون.


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


انهيءَ لاءِ بہ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس فرمانبرداري ڪريو ۽ ساڻس چُهٽيل رهو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اوهان جي زندگي ۽ ان ملڪ ۾ اوهان جي عمر جي درازي آهي، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو کين عطا ڪندو.“


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هي اهو ئي ملڪ آهي جنهن بابت مون ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي چيو هو تہ اهو سندن اولاد کي ڏيندس. اهو مون تو کي تنهنجين اکين سان ڏيکاريو آهي، پر تون پار ٽپي اوڏانهن ڪين ويندين.“


جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ هو اوهان کي اهي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جيڪي اوهان نہ جوڙيا آهن.


اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


اهو ايمان ئي هو جنهن تي اهي سڀ مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهيا. جيتوڻيڪ کين ڪجھہ بہ نہ مليو، جنهن جو خدا ساڻن واعدو ڪيو هو، تڏهن بہ پري کان ئي سڀ ڪجھہ ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيائون. ان سان گڏ هنن اقرار ڪيو تہ ”اسين ڌرتيءَ تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.“


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون ئي هنن ماڻهن کي اهو ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ وٺي ويندين جنهن جي ڏيڻ بابت مون هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.


جڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جو اڌ قبيلو ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اردن درياءَ جي ويجھو جليلوت وٽ پهتا تڏهن انهن اتي ئي هڪڙي شاندار قربان‌گاهہ ٺاهي.


پوءِ يشوع عيبال جبل تي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي،


تڏهن جِدعون اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ‌سلوم رکيائين. اها اڄ ڏينهن تائين ابيعزر واري گھراڻي جي ڳوٺ عفرہ ۾ موجود آهي.


پوءِ هو رامہ شهر ۾ موٽي ايندو هو، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر اُتي هو. اتي پڻ هو بني اسرائيل ۾ عدالت ڪندو هو ۽ اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربان‌گاهہ جوڙيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ