Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگھي اچي سڪم شهر ۾ مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻ واري هنڌ تي پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:6
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعان کي پهريون پٽ صيدا ڄائو ۽ پوءِ حِت.


سو ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ اڪثر ڪري جھيڙو ٿيندو رهندو هو. انهيءَ وقت هن علائقي ۾ ڪنعاني ۽ فرزي پڻ رهندا هئا.


پوءِ يعقوب فدان‌ارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.


جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


تڏهن يعقوب شمعون ۽ لاويءَ کي چيو تہ ”اوهان مون کي ڏک ڏنو آهي ۽ هن علائقي جي رهاڪن ڪنعانين ۽ فرزين ۾ مون کي نفرت جوڳو ڪيو اٿوَ. اسين تعداد ۾ ٿورا آهيون، سو جيڪڏهن هنن سڀني پاڻ ۾ گڏ ٿي مون تي ڪاهہ ڪئي تہ مون کي ماري وجھندا. آءٌ ۽ منهنجو سمورو گھر ٻار برباد ٿي ويندو.“


سو هنن وٽ جيڪي بہ بت هئا ۽ جيڪي بہ ڪنن ۾ واليون پاتل هئن، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون. يعقوب اهي سڀ شاهہ‌بلوط جي وڻ هيٺ پوري ڇڏيا، جيڪو سڪم شهر جي ويجھو هو.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.


خدا پنهنجي مقدس ترين جاءِ مان واعدو فرمايو آهي تہ ”آءٌ فتحيابيءَ جي خوشيءَ وچان سڪم جي علائقي جا ڀاڱا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات واري ماٿري پڻ پنهنجي قوم ۾ ورهائي ڇڏيندس.


اوهان جي ڪاهنن جي جماعت لٽيرن جي انهن ٽولن وانگر آهي، جيڪي ماڻهن جي تاڙ ۾ رستن تي لڪي ٿا ويهن. بلڪ اهي مقدس شهر سڪم ڏانهن ويندڙن کي بہ رستي ۾ قتل ٿا ڪن. بيشڪ هنن جا ڪم تمام بڇڙا آهن.


اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي.


انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابراهيم شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.


اهي ٻئي جبل اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر، يعني اولهہ طرف انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ آهن جيڪي جِلجال شهر جي سامهون مورہ جي شاهہ‌بلوط وڻن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن.


ايمان جي ڪري ئي خدا جي واعدي ڪيل ملڪ ۾ ابراهيم تنبن ۾ هڪ پرديسيءَ وانگر رهيو. اسحاق ۽ يعقوب جيڪي سندس اولاد هئا ۽ خدا جي ساڳئي واعدي ۾ ساڻس گڏ وارث هئا، سي بہ ابراهيم وانگر تنبن ۾ رهندا هئا.


سو هنن اردن درياءَ جي اولهہ طرف هي پناهہ جا شهر مقرر ڪيا: نفتاليءَ واري جابلو علائقي جي گليل واري حصي ۾ قادس شهر، افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر، يهوداہ جي جابلو علائقي ۾ قريت‌اربع يعني حبرون شهر.


يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.


هڪڙي ڏينهن جِدعون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي ساڻس گڏ هئا سي سڀ صبح جو سوير اٿيا ۽ حرود چشمي جي ڀرسان وڃي پنهنجا خيما کوڙيائون. مديانين جي خيمي‌گاهہ هنن جي اتر طرف مورہ ٽڪريءَ جي ڀرسان ماٿريءَ ۾ هئي.


تڏهن ابيملڪ ولد جِدعون پنهنجي مامن وٽ سڪم شهر ۾ ويو ۽ انهن کي ۽ پنهنجي ناناڻن جي سڄي گھراڻي کي چيائين تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ