Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:5 - Muslim Sindhi Bible

5 ابرام پنهنجي زال سارائي، لوط، سموري ملڪيت ۽ سڀ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئن، سي پاڻ سان کنيا. اهي سڀ ڪنعان جي ملڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ روانا ٿيا. جڏهن ڪنعان ۾ پهتا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 سو ابرام پنهنجي زال ساري، پنهنجو ڀائٽيو لوط، ۽ سڀ مال جو گڏ ڪيو هئائين، ۽ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئس، سي پاڻ سان کنيا، ۽ اهي ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ روانا ٿيا؛ ۽ نيٺ اچي انهيءَ ملڪ ۾ پهتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.


تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.


لوط کي بہ رڍون، ٻڪريون، چوپايو مال ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ نوڪرن چاڪرن لاءِ تنبو هئا.


انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو.


جڏهن ابرام ٻڌو تہ سندس ڀائٽيو پڪڙيو ويو آهي، تڏهن جملي ٽي سؤ ارڙهن ويڙهاڪ ماڻهو، جيڪي سندس گھراڻي جا هئا تن کي ساڻ ڪري دان تائين چئني بادشاهن جي پٺيان پيو.


تڏهن سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو توڙي منهنجو سڀ مال ملڪيت ڀلي تون پاڻ وٽ رک، پر منهنجا سمورا ماڻهو مون کي موٽائي ڏي.“


يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.


عيسوءَ پنهنجيون زالون، پٽ، ڌيئرون ۽ پنهنجي گھراڻي جا سڀ ماڻهو، پنهنجا ڍور ڍڳا ۽ پنهنجي سموري ملڪيت، جا ڪنعان ملڪ ۾ گڏ ڪئي هئائين سا کڻي پنهنجي ڀاءُ يعقوب کان پري ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.


پر جنهن غلام کي هن پئسن سان خريد ڪيو هجي يا جيڪو غلام سندس گھر ۾ ڄائو هجي سو ڀلي سندس کاڌي مان کائي.


تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پيءُ مري ويو تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ