Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب حاران شهر مان روانو ٿيو ۽ سندس ڀائٽيو لوط بہ ساڻس گڏجي هليو. تڏهن ابرام جي عمر پنجهتر سال هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب روانو ٿيو؛ ۽ لوط بہ ساڻس گڏجي هليو: جڏهن ابرام حاران مان نڪتو، تڏهن پنجهتر ورهين جو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.


لوط کي بہ رڍون، ٻڪريون، چوپايو مال ۽ پنهنجي ڪٽنب ۽ نوڪرن چاڪرن لاءِ تنبو هئا.


تنهن وقت ابرام جي عمر ڇهاسي سال هئي.


تڏهن سارائيءَ پنهنجي مڙس کي پنهنجي ٻانهي هاجرہ زال ڪري ڏني. ان وقت تائين ابرام کي ڪنعان ملڪ ۾ رهندي ڏهہ سال ٿي ويا هئا.


ابراهيم ڪل هڪ سؤ پنجهتر سال جيئرو رهيو،


يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو.


تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پيءُ مري ويو تڏهن خدا کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو.


جڏهن ابراهيم کي سڏيو ويو تہ ايمان جي ڪري ئي هو خدا جو حڪم مڃي انهيءَ ملڪ ڏانهن هليو ويو، جيڪو بعد ۾ کيس واعدي ڪيل ميراث طور ملڻو هو. هائو، هو اٿي روانو ٿيو، جيتوڻيڪ هن کي اها خبر نہ هئي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي.


انهيءَ تي ابراهيم صبر سان انتظار ڪندي اها واعدي ڪيل برڪت حاصل ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ