Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي تو کي مبارڪ چوندا تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، پر جيڪي تو کي پٽيندا تن تي لعنت ڪندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي وسيلي برڪت ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:3
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ، مون ابراهيم کي چونڊيو ئي انهيءَ لاءِ آهي تہ هو پنهنجي پٽن ۽ پنهنجيءَ اولاد کي حڪم ڪري تہ اهي منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ حق سچ تي هلن. جيڪڏهن اهي ائين ڪندا تہ آءٌ ابراهيم لاءِ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس جنهن جو مون ساڻس واعدو ڪيو آهي.“


دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“


خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.


ابراهيم جي وفات کان پوءِ، خدا سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني ۽ اسحاق ”ڏسندڙ جيئري جي کوهہ“ وٽ رهڻ لڳو.


تہ تون اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائيندين، جيئن اسان تو کي هٿ بہ نہ لاتو هو. اسان تو سان نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو هو ۽ تو کي صحيح سلامت روانو ڪيو هو. هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ تون خداوند جو ڀلارو انسان آهين.“


آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“


اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي.


تڏهن لابن چيس تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي هجي تہ هتي ئي رهي پئُہ، ڇو تہ مون فال ذريعي ڄاڻي ورتو آهي تہ تنهنجي ڪري خداوند مون کي برڪت ڏني آهي.“


ڇاڪاڻ تہ منهنجي اچڻ کان اڳ توهان وٽ ٿورو مال هو پر هاڻي وڌي گھڻو ٿيو آهي. خداوند منهنجي قدم قدم تي توهان کي برڪت ڏني آهي. هاڻي آءٌ پنهنجي گھر لاءِ ڪڏهن بندوبست ڪندس؟“


جنهن وقت کان وٺي هن کيس پنهنجي گھر جي مٿان ۽ جيڪي ڪجھہ وٽس هو تنهن سڀ مٿان مختيار مقرر ڪيو، تنهن وقت کان وٺي خداوند يوسف جي ڪري ان مصريءَ جي گھر ۾ برڪت وڌي. جيڪي ڪجھہ وٽس گھر ۾ توڙي ٻنيءَ ۾ هو تنهن سڀ ۾ خداوند جي برڪت پيئي.


شال انهيءَ جو نالو سدائين سڳورو رهي، هائو، جيستائين آسمان ۾ سج قائم رهي. شال سندس وسيلي دنيا جي سڀني قومن کي برڪت ملي، ۽ سڀيئي قومون هن لاءِ ڀلائي گھرن.


پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس.


اوهين هڪ جوان شينهن وانگر آهيو، جيڪو جڏهن ستل آهي تہ ڪير ان کي جاڳائڻ جي جرئت ڪندو؟ جيڪو اوهان کي برڪت جي دعا ڪري ٿو، تنهن کي برڪت ملي ٿي. جيڪو اوهان تي لعنت ڪري ٿو، تنهن کي لعنت ملي ٿي.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


تنهن تي بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ جي بہ مدد کان انڪار ڪيو تڏهن ڄڻ اوهان منهنجي مدد کان انڪار ڪيو.‘“


پوءِ عيسيٰ انهن کي موسيٰ جي توريت کان وٺي ٻين سڀني نبين جي لکتن تائين، پاڪ ڪلام جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


ابراهيم جو طهر پوءِ ٿيو، جيڪو انهيءَ ثابتيءَ جو نشان هو تہ خدا سندس ايمان رکڻ جي ڪري ئي کيس اڻ‌طهريل حالت ۾ پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبول ڪيو. اهڙيءَ طرح ابراهيم انهن سڀني جو پيءُ آهي، جيڪي طهر کان سواءِ خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ خدا کين پاڻ ڏانهن سچار ڪري ليکي ٿو.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


خدا جا واعدا بہ اهڙي نموني آهن جيڪي هن ابراهيم ۽ سندس نسل سان ڪيا. ڏسو، پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنهن مان مراد گھڻا ماڻهو هجن. پر هو چوي ٿو تہ ”نسل سان،“ جنهن مان مراد هڪڙو شخص آهي ۽ اهو مسيح آهي.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


انهيءَ ڳالهہ جي پاڪ ڪلام اڳڪٿي بہ ڪئي آهي تہ خدا غير قومن کي ايمان آڻڻ جي وسيلي پاڻ ڏانهن سچار بڻائيندو. هائو، هن اڳي ئي اها خوشخبري ابراهيم کي ٻڌائي ڇڏي هئي تہ ”تنهنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“


شل خدا جي واکاڻ هجي جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو پيءُ آهي، جنهن اسان کي مسيح ۾ آسمان جي هر هڪ روحاني برڪت سان مالا مال ڪيو آهي.


نئين فطرت واري حالت ۾ نہ ڪو يهودي آهي نہ غير يهودي، نہ ڪو طهريل آهي نہ اڻ‌طهريل، نہ ڪو جھنگلي آهي نہ وحشي، نہ ڪو غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح ئي سڀ ڪجھہ آهي ۽ اهو اوهان سڀني ۾ آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ