Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 12:16 - Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ عورت جي ڪري بادشاهہ ابرام سان سٺو سلوڪ ڪيو ۽ کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، گڏهہ، اٺ توڙي غلام ۽ ٻانهيون ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 12:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابرام وٽ چوپايو مال، سون ۽ چاندي گھڻو هو.


انهيءَ علائقي ۾ چاري لاءِ ايتري زمين ڪانہ هئي جو هو ٻئي گڏ رهي سگھن، ڇاڪاڻ تہ وٽن مال گھڻو هو.


ابرام جي زال سارائي کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. جيئن تہ کيس هاجرہ نالي هڪ مصري ٻانهي هئي،


پوءِ ابيملڪ ابراهيم کي سندس زال سارہ موٽائي ڏني ۽ رڍون ٻڪريون، چوپايو مال، ٻانها ۽ ٻانهيون بہ ڏنائينس.


خداوند منهنجي مالڪ کي وڏي برڪت ڏني آهي ۽ هو وڏو ماڻهو آهي. خداوند کيس رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا، سون چاندي، ٻانها ٻانهيون، اٺ ۽ گڏهہ عطا ڪيا آهن.


هو گھڻين ئي رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن ۽ نوڪرن جو مالڪ ٿي ويو، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.


اهڙيءَ طرح هو وڌندو ويو ۽ گھڻن ئي ڌڻن، ٻانهين، ٻانهن، اٺن ۽ گڏهن جو مالڪ بڻيو.


مون وٽ پنهنجا ڍور ڍڳا، گڏهہ، رڍون ٻڪريون، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن. آءٌ هي پيغام پنهنجي آقا ڏانهن انهيءَ ڪري موڪليان ٿو تہ من توهان جي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.‘“


هو ست هزار رڍن ٻڪرين، ٽي هزار اٺن، پنج سؤ ڏاندن جي جوڙن ۽ پنج سؤ گڏهن جو مالڪ هو. کيس تمام گھڻا نوڪر چاڪر هئا. هو اوڀر جي رهاڪن ۾ سڀني کان وڏو ماڻهو هو.


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ