5 تڏهن خداوند اهو شهر ۽ منارو ڏسڻ لاءِ لهي آيو جيڪو انهن ماڻهن ٺاهيو هو.
5 تڏهن خداوند اهو شهر ۽ ٺلهہ جو آدم جي اولاد جوڙيو هو، سو ڏسڻ لاءِ لهي آيو.
تنهنڪري آءٌ اوڏانهن وڃي معلوم ڪندس تہ جيڪا دانهن مون ٻڌي آهي سا صحيح آهي يا نہ.“
ياد رکو، خداوند، جنهن جو تخت عرش عظيم تي آهي، سو پنهنجي مقدس هيڪل ۾ رهي ٿو. سندس نگاهہ بني آدم تي آهي، سو اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو هو ڏسي ٿو.
ٽئين ڏينهن تائين هو تيار ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏينهن آءٌ خداوند سينا جبل تي لهي ايندس، جتي سڀيئي ماڻهو مون کي ڏسي سگھندا.
سڄو سينا جبل دونهين سان ڍڪجي ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند باهہ جي وچ ۾ انهيءَ تي لٿو. اهو دونهون کُوري جي دونهين وانگر مٿي چڙهڻ لڳو ۽ سڄو جبل زور سان ڌڏڻ لڳو.
پوءِ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي لهي آيو ۽ موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيائين. سو موسيٰ مٿي چڙهي ويو.
انهيءَ لاءِ ئي آءٌ لهي آيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان. پوءِ کين سندن ملڪ مان ڪڍي ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ پهچايان جيڪو آسودو ۽ خوشحال هجي، يعني ڪنعانين، حتين، امورين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾.
ڪوبہ آسمان ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آسمان مان آيو آهي، يعني ابنِ آدم.
ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.