32 تارح ٻہ سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ اتي ئي وفات ڪئي.
32 تارح جي ساري عمر ٻہ سؤ پنج ورهيہ هئي: ۽ تارح حاران ۾ مري ويو.
تارح پنهنجي پٽ ابرام ۽ پنهنجي پوٽي لوط کي، جيڪو حاران جو پٽ هو ۽ پنهنجيءَ نُنهن ابرام جي زال سارائيءَ کي پاڻ سان وٺي ڪسدين جي اُور شهر مان نڪري ڪنعان ملڪ ڏانهن ويو. جڏهن اُهي حاران شهر ۾ آيا، تڏهن اتي رهي پيا.
خداوند ابرام کي چيو تہ ”پنهنجو ملڪ، پنهنجا مائٽ ۽ پنهنجي پيءُ جو گھر ڇڏ ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.
پوءِ انهيءَ نوڪر جيڪو ابراهيم جي سڄي ملڪيت جو سنڀاليندڙ هو، تنهن پنهنجي مالڪ جي اُٺن مان ڏهہ اٺ سامان سان لڏيا ۽ ارام جي علائقي ۾ انهيءَ شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن ۾ ابراهيم جو ڀاءُ نحور رهندو هو.
جڏهن منهنجي ابن ڏاڏن تلسار منجھہ رهندڙ بني عدن ۽ جوزان، هاران ۽ رصف شهرن کي ناس ڪري ڇڏيو تڏهن سندن معبود کين ڪو بچائي سگھيا ڇا؟
انهيءَ کان پوءِ ايوب هڪ سؤ چاليهن سالن تائين زندہ رهيو ۽ پنهنجا پٽ ڌيئرون ۽ انهن جو اولاد، بلڪ چار پيڙهيون ڏٺائين.