1 انهن ڏينهن ۾ جڏهن دنيا جي سڀني ماڻهن جي هڪڙي ئي ٻولي ۽ هڪڙو ئي ڳالهائڻ جو طريقو هو،
1 ۽ ساري زمين تي هڪڙي زبان ۽ هڪڙي ٻولي هئي.
اهي سڀ قومون پنهنجن قبيلن ۽ نسلن موجب نوح جو اولاد آهن. ٻوڏ کان پوءِ انهن جو ئي نسل سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويو.
تڏهن هو اوڀر طرف گھمندي گھمندي شِنعار علائقي جي هڪڙي ميدان ۾ آيا ۽ اتي ئي رهي پيا.
خداوند چيو تہ ”جيئن تہ هي سڀ هڪڙي قوم آهن ۽ سندن ٻولي بہ هڪڙي آهي ۽ جيڪي ڪجھہ هو ڪرڻ لڳا آهن، اِها انهن جي رڳو شروعات آهي. جلد هو هر اهو ڪم ڪري ويندا، جيڪي ڪجھہ ڪرڻ گھرندا.
انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي پنجن شهرن ۾ عبراني ٻولي ڳالهائي ويندي ۽ انهن مان هڪڙي شهر کي ”سج جو شهر“ سڏيو ويندو. انهن شهرن جا ماڻهو عهد اقرار ڪندي خداوند قادرِمطلق جا ٻانها بڻجي ويندا.
تنهن هوندي بہ خداوند فرمائي ٿو تہ ”پوءِ آءٌ قومن کي ڦيرائي بتن جي نالن کڻڻ کان پاڪ ڪندس، تہ جيئن هو سڀ جو سڀ مون خداوند کان دعا گھرن، ۽ ڪلهو ڪلهي سان ملائي منهنجي ئي عبادت ڪن.
انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو.