Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 10:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڪُوش جي پٽن جا نالا هئا: صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ. رعمہ جي پٽن جا نالا هئا: شبا ۽ ددان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ڪوش جا پٽ هئا، سبا، حويلہ، سبتہ، رعماہ ۽ سبتيڪ. رعماہ جا پٽ هئا، سبا ۽ ددان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 10:7
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪُوش کي نمرود نالي پٽ ڄائو جيڪو دنيا ۾ پهريون زبردست پهلوان هو.


پهرين نديءَ جو نالو فيسون آهي، جيڪا حويلاہ علائقي منجھان وڪڙ ڏيندي وهي ٿي، جتان سون نڪرندو آهي.


جڏهن شبا ملڪ جي راڻيءَ سليمان کي خداوند جي طرفان مليل ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي تڏهن هوءَ ڏکين سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ لاءِ يروشلم ۾ آئي.


ڪُوش جو اولاد صبا، حويلاہ، سبتہ، رعمہ ۽ سبتيڪ هئا. رعمہ جو اولاد شبا ۽ ددان هئا.


تہ اوچتو شبا ملڪ جي ماڻهن اچي حملو ڪيو ۽ انهن سڀني کي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


ترسيس ۽ ٻيٽن جا بادشاهہ هن لاءِ نذرانا آڻيندا. صبا ۽ شبا ملڪن جا بادشاهہ هن لاءِ سوغاتون آڻيندا.


هي پيغام عرب جي خيابان بابت آهي. ڏسو، دداني پناهگيرن جو قافلو عرب جي خيابان ۾ تنبو هنيو ويٺو آهي.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان بني اسرائيل جو پاڪ معبود ۽ اوهان جو بچائيندڙ آهيان. مون اوهان جي عيوض ۾ مصر، سوڊان ۽ صبا ڏيئي ڇڏيا آهن.


روڊس جي ٻيٽ جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا. ان کان علاوہ سامونڊي ڪناري واريون گھڻيون قومون تنهنجي شين جي بدلي ۾ آبنوس جو ڪاٺ ۽ عاج تو وٽ آڻينديون هيون.


ددان شهر جا ماڻهو گھوڙي جي پٺيءَ تي رکڻ وارا گدا آڻي تنهنجي بازارن ۾ واپار ڪندا هئا.


شبا ملڪ ۽ رعماہ علائقي جا واپاري هر قسم جون عمديون خوشبودار شيون، مختلف قسمن جا قيمتي پٿر، ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال خريد ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ