Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 10:22 - Muslim Sindhi Bible

22 سِم جي پٽن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 سم جا پٽ هئا، عيلام، اسور، ارفڪسد، لود ۽ ارام.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 10:22
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يافت جو وڏو ڀاءُ سِم سڀني عبرانين جو وڏو هو.


سِم جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان ٻہ سال پوءِ جڏهن سِم هڪ سؤ سالن جو ٿيو، تڏهن کيس ارفڪسد نالي هڪ پٽ ڄائو.


خداوند، سِم جو خدا سڳورو آهي، شال ڪنعان سِم جي اولاد جو غلام ٿئي.


انهن ڏينهن ۾ اشور جي شهنشاهہ تِگلت پلاسر عرف پول جو لشڪر اسرائيل ملڪ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو. تنهنڪري مناحم بادشاهہ پنهنجي ماڻهن جي هٿان چوٽيهہ هزار ڪلوگرام چاندي پول ڏانهن ڏياري موڪليو تہ جيئن هو سندس ملڪ تي حملو نہ ڪري ۽ مناحم جي بادشاهي مضبوط ٿيڻ ۾ سندس مدد ڪري.


اڃا انهيءَ ڳالهايو ئي پئي تہ هڪڙي ٽئين نوڪر بہ اچي چيو تہ ”ڪسدين ٽن ٽولن جي صورت ۾ اچي اٺن تي حملو ڪيو ۽ انهن کي پڪڙي ڪاهي ويا. هنن توهان جي نوڪرن کي تلوار جي ڌار سان ڪهي ڇڏيو آهي. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


انهيءَ ڏينهن پروردگار وري پنهنجو قدرت وارو هٿ وڌائيندو، تہ جيئن پنهنجي قوم جي باقي رهيل ماڻهن کي جلاوطنيءَ مان موٽائي وطن آڻي، جيڪي اشور، مصر ۽ ان جي ڏاکڻي علائقي فتروس، سوڊان، عيلام، شِنعار ۽ حمات جي ملڪن کان علاوہ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري وارن علائقن ۾ باقي بچيا هوندا.


هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“


عيلام ۽ قير جي تيراندازن حملي لاءِ جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سوارن سان گڏ تيرن سان ترڪش ڀري کنيا آهن، ۽ پنهنجي ڍالن تان پوش هٽائي ڇڏيا اٿائون.


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


زمري، عيلام ۽ مادئين جا سڀ بادشاهہ،


عيلام جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي پنهنجي دشمنن ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا. پر هاڻي اهي اڻ‌طهريل جي حالت ۾ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن ۽ جنگ ۾ قتل ٿي ويلن سان گڏ ذليل وَ خوار آهن.


هن رويا ۾ مون پاڻ کي بابل جي عيلام صوبي جي گاديءَ ۽ ڪوٽ واري شهر سوسن جي ڀرسان اُولائي واهہ وٽ بيٺل ڏٺو.


تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي ارام ملڪ مان گھرايو. هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو. هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر، هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘


تہ بہ، ٻڌي ڇڏيو تہ اوهين برباد ٿيندا، جڏهن اشوري اوهان کي قيد ڪري وٺي ويندا.“


سِلح پٽ قينان جو، قينان پٽ ارفڪسد جو، ارفڪسد پٽ سِم جو، سِم پٽ نوح جو ۽ نوح پٽ لمڪ جو،


ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ