Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 10:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يافت جي پٽن جا نالا هئا: جُمر، ماجوج، مادئي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 يافت جا پٽ هئا، جمر، ماجوج، مادي، ياوان، توبل، مسڪ ۽ تيراس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 10:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نوح جي پٽن سِم، حام ۽ يافت جو اولاد هي آهي. ٻوڏ کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.


يافت جو وڏو ڀاءُ سِم سڀني عبرانين جو وڏو هو.


شال خدا يافت جو اولاد وڌائي ۽ اهي سِم جي اولاد سان گڏ رهن، شال ڪنعان يافت جي اولاد جو غلام پڻ ٿئي.“


هوسيع جي بادشاهيءَ جي نائين سال اندر، اشور جي شهنشاهہ سامريہ تي قبضو ڪري ورتو ۽ اسرائيل وارن کي قيد ڪري اشور ڏانهن وٺي ويو. هن انهن مان ڪن کي خلح شهر ۾ تہ ڪن کي جوزان علائقي جي خابور نديءَ ويجھو ۽ ڪن کي مادئين جي شهرن ۾ آباد ڪيو.


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي آهيان، جيڪو کين سزا ٿو ڏيان. پر آءٌ انهن مان ڪن کي بچائي ٻين قومن جي شهرن ڏانهن موڪليندس، جتان جي ماڻهن منهنجي شهرت نہ ٻڌي آهي ۽ منهنجو جلال نہ ڏٺو اٿائون. آءٌ ترسيس، پُول، لود، جنهن جا تيرانداز مشهور آهن، توبل ۽ يونان واري ياوان شهر ڏانهن، بلڪ ڏورانهن ٻيٽن ڏانهن کين موڪليندس. منهنجا اهي موڪليل ماڻهو انهن قومن ۾ وڃي منهنجو جلال بيان ڪندا.


اوزال جي مئي جا ڊرم، گھڙيل لوهہ ۽ مصالحا بہ تنهنجي بازارن ۾ آڻيندا هئا.


تنهنجو سِڙهہ سنهي عمدي سڻيءَ جي ڀرت ڀريل ڪپڙي جو هو، جيڪو مصر مان آندو ويو هو، انهيءَ لاءِ تہ اهو تنهنجي واسطي جھنڊي جو ڪم ڏئي. تنهنجو شاميانو عمدي ڪپڙي جو ۽ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جيڪو قبرص ٻيٽ مان آندو ويو هو.


مسڪ‌توبل جو بادشاهہ بہ اتي آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون بہ سندس چوڌاري آهن. اهي سڀيئي اڻ‌طهريل دنيا ۾ دهشت ڦهلائيندا هئا، پر هاڻي جنگ ۾ مارجي وڃي پاتال ۾ پيا آهن.


تنهنڪري تون پنهنجي اتر وارن ڏورانهن علائقن کان هلندين ۽ تو سان گڏ گھڻين ئي قومن جا وڏا ٽولا هوندا ۽ اهي گڏجي هڪ وڏو لشڪر ٿي پوندا. اهي سڀيئي گھوڙن تي سوار هوندا.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! مسڪ ۽ توبل قومن جي حڪمرانِ‌اعليٰ ياجوج خلاف تون اڳڪٿي ڪر، جيڪو ماجوج جي علائقي ۾ رهي ٿو. هائو، تون کيس ننديندي


انهن کان علاوہ جُمر ملڪ توڙي اتر جي ڏورانهن علائقن مان بيت‌تُجرماہ جا سڀيئي ويڙهاڪو، مطلب تہ تو سان گڏ گھڻين قومن کي آءٌ گهلي ٻاهر ڪڍندس.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ياجوج خلاف اڳڪٿي ڪندي کيس مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي ياجوج، مسڪ ۽ توبل قومن جا حڪمرانِ‌اعليٰ! ياد رک، آءٌ تنهنجي خلاف آهيان.


هو ٻاهر نڪري ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن جي قومن، يعني ياجوج ۽ ماجوج کي ڀڙڪائيندو ۽ کين جنگ جي لاءِ گڏ ڪندو. انهن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ