Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 10:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان وٺي ڏکڻ طرف جرار واري رستي غزہ تائين ۽ اوڀر طرف سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم واري رستي لشع تائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 ڪنعانين جون حدون هن ريت آهن: صيدا کان غزہ تائين، جو جرار جي واٽ تي آهي، ۽ ٻئي پاسي لسع تائين جو سدوم، عمورہ، ارمہ ۽ ضيبيان جي واٽ تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 10:19
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اروادي، صماري ۽ حماتي. ان کان پوءِ ڪنعاني قبيلو پکڙجي ويو.


سو حام جو اولاد اهو آهي جيڪو مختلف قبيلن ۽ علائقن ۾ رهندڙ آهي ۽ هر ڪنهن جي ٻولي پنهنجي پنهنجي آهي.


پنجن ٻين بادشاهن هر هڪ، سدوم جي بادشاهہ برع، عموراہ جي بادشاهہ برشع، ادمہ جي بادشاهہ شِناب، ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر ۽ بالع يعني صغر شهر جي بادشاهہ سان جنگ ڪئي.


انهن پنجن بادشاهن هڪ اتحاد ٺاهيو ۽ انهن جون فوجون سديم جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيون، جيڪا اڄڪلهہ کاري سمنڊ ۾ اچي ويئي آهي.


پوءِ خداوند ابراهيم کي چيو تہ ”سدوم ۽ عموراہ جي گناهن جي دانهن وڌي ويئي آهي جيڪا تمام وڏن گناهن جي باري ۾ آهي.


ابراهيم ممريءَ مان نڪري ڏکڻ ڏانهن سفر ڪيو. هو مسافري ڪندو قادش ۽ شور جي وچ ۾ آيو ۽ جرار شهر ۾ اچي رهيو.


اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو.


سو خداوند سوڊانين کي يهوداہ جي لشڪر هٿان شڪست ڏني ۽ هو وٺي ڀڳا.


آسا ۽ سندس لشڪر جرار شهر تائين هنن جو پيڇو ڪيو. سوڊانين جا ايترا تہ ماڻهو ماريا ويا جو هو وري پاڻ سنڀالي نہ سگھيا. هو خداوند ۽ سندس لشڪر جي هٿان ناس ٿي ويا. يهوداہ وارن کي تمام گھڻو لٽ جو مال هٿ آيو.


ڇا تون انهن جي رهنمائي ڪري ٿو سگھين؟ تہ کين ڪيستائين وڃڻو ۽ ڪٿان موٽڻو آهي؟


خداوند جو هٿ سمنڊ تي اچي پيو آهي، بلڪ هن بادشاهتن کي بہ لوڏي ڇڏيو آهي. خداوند صور ۽ صيدا جي ملڪ خلاف حڪم ڏنو آهي تہ انهيءَ جي قلعن کي ڊاهي ناس ڪيو وڃي.


پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“


۽ مصر ۾ رهندڙ سڀيئي ڌاريا ماڻهو، عُوض ملڪ جا سڀ بادشاهہ، فلستين جي ملڪ جي شهرن اسقلون، غزہ، عقرون جا سڀ بادشاهہ ۽ اشدود جا باقي بچي ويل ماڻهو،


فلستي شهر غزہ تي فرعون جي ڪاهہ کان اڳ فلستين بابت خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيو تہ


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! صيدا شهر ڏانهن پنهنجو رخ ڪري ان جي خلاف اڳڪٿي ڪر.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


خداوند جي هڪڙي ملائڪ فلپس کي چيو تہ ”اُٿ، ڏکڻ طرف ان رستي سان وڃ، جيڪو يروشلم کان غزہ ڏانهن بيابان مان وڃي ٿو.“


ساڳيءَ طرح ڪريت ٻيٽ مان آيل ڪريتي، ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري غزہ تائين پنهنجن ڳوٺن ۾ رهندڙ اَوين کي ماري پاڻ انهن جي جاءِ تي رهڻ لڳا.


جڏهن خدا تعاليٰ بني آدم کي جدا جدا قومن ۾ ٿي ورهايو، تڏهن انهن کي الڳ الڳ ملڪ ورثو ڪري ٿي ڏنائين. هائو، هر معبود جي قوم کي پنهنجو پنهنجو حصو مقرر ٿي مليو.


عبرون، رحوب، حمون، قاناہ جي برساتي نهر ۽ وڏي صيدا تائين ويئي.


هڪڙي ڏينهن سمسون غزہ شهر ڏانهن ويو. اُتي هن هڪ ڪسبياڻي ڏٺي، سو هو وٽس رات گذارڻ لاءِ ويو.


هو انهن جي سامهون خيما کوڙيندا هئا ۽ غزا تائين سندن فصل تباهہ ڪري ڇڏيندا هئا. هو سندن سمورا جاندار يعني رڍون ٻڪريون، ڍور ڍڳا ۽ گڏهہ ڪاهي هليا ويندا هئا ۽ بني اسرائيل جي گذران لاءِ ڪابہ شيءِ نہ ڇڏيندا هئا.


ٻي ٽوليءَ ڦري بيت‌حورون جو رستو ورتو ۽ ٽين ٽولي انهيءَ سرحد واري رستي سان وڃڻ لڳي، جتان هيٺ ضبوعيم جي ماٿري بيابان واري طرف ڏسڻ ۾ پئي آئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ