Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 10:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ علائقي مان نڪري هو اشور ۾ آيو ۽ اتي نينواہ، رحوبوت‌عير ۽ ڪلح شهر ٻڌائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 انهيءَ ملڪ مان نڪري هو اسور ۾ آيو، جتي ڪي شهر ٻڌائين، جهڙوڪ نينوہ، رحوبو تعير ۽ ڪلجہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 10:11
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن رسن شهر بہ ٻڌو جيڪو نينواہ ۽ ڪلح جي وچ ۾ وڏو شهر هو.


اها حالت ڏسي اشور جو شهنشاهہ سنحيرب پنهنجي منزل پٽي اتان هلي پيو. هو نينواہ شهر ڏانهن موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو.


تڏهن هو زربابل ۽ گھراڻن جي وڏن وٽ آيا ۽ کين چيائون تہ ”اسان کي بہ پاڻ سان گڏ تعمير جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ اسين بہ ان ساڳئي خدا جي عبادت ڪندا آهيون جنهن جي اوهين ڪندا آهيو. اسين اشور جي شهنشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آباد ڪيو هو تنهن جي وقت کان وٺي ان خدا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا آهيون.“


اشور ملڪ وارا بہ اچي انهن سان گڏيا آهن. اهي لوط جي اولاد موآبين ۽ عمونين جو ساڄو هٿ اچي بڻيا آهن.


اها حالت ڏسي اشور جو شهنشاهہ سنحيرب پنهنجي منزل پٽي اتان هلي پيو. هو نينواہ شهر ڏانهن موٽي آيو ۽ اتي ئي رهي پيو.


شبا جي واپارين کان علاوہ حاران، ڪنہ، عدن، اشور ۽ ڪلمد شهرن جا واپاري پڻ تو سان واپار ڪندا هئا.


اشور جو بادشاهہ بہ اتي پاتال ۾ آهي ۽ سندس سپاهين جون قبرون انهيءَ جي چوڌاري آهن. اهي ڪڏهن تہ جيئرن جي دنيا ۾ دهشت ڦهلائي ڇڏيندا هئا، پر هاڻي اهي سڀ پاڻ جنگ ۾ مارجي ويا آهن ۽ پاتال جي تري ۾ وڃي پيا آهن.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ اُتان جي ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ مون کي خبر آهي تہ اوهين بدڪار ٿي ويا آهيو.“


انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.


هي القوش ڳوٺ جي رهاڪو ناحوم جي ڏٺل رويا جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ نينواہ شهر بابت پيغام ڏنل آهي.


نينواہ انهيءَ تلاءَ مثل آهي، جنهن جو پاڻي ٻاهر وهندو ٿو وڃي. کين پڪاري چيو وڃي ٿو تہ ”بيهو! بيهو!“ تہ بہ ڀڄندا ٿا وڃن ۽ پوئتي ڪونہ ٿا ڏسن.


پوءِ جيڪو بہ تو کي ڏسندو سو تو کان ڀڄي پري ٿيندو، ۽ چوندو تہ ’ڏسو، نينواہ تہ کنڊر بڻجي ويو آهي. ڪير ان تي ترس کائيندو؟ ڪير آهي جيڪو هن کي دلاسو ڏئي؟‘“


خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.


تہ بہ، ٻڌي ڇڏيو تہ اوهين برباد ٿيندا، جڏهن اشوري اوهان کي قيد ڪري وٺي ويندا.“


قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا، اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا، پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ