Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻيءَ جي وچ ۾ حد مقرر ٿئي جيڪا پاڻيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي.“ سو ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن.


پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”پاڻي بي‌شمار ساهوارن سان ڀرجي وڃي ۽ پکي آسمان ۾ اُڏامن.“


خدا پنهنجي ڦوڪ سان آسمانن کي زينت بخشي آهي. سندس ئي هٿ ازدها بلا کي چچري ڇڏيو آهي.


هو گھاٽن ڪڪرن کي گھم سان ڀري ٿو، جيڪي سندس روشن وڄ کي هر طرف پکيڙي ڇڏين ٿا.


ان وقت ڇا تون آسمان ۾ آبهوا کي پکيڙڻ ۾ خدا جي مدد ڪري ٿو سگھين؟ هائو، انهيءَ آسمان ۾ جيڪو ٽامي جيان تپي باهہ ٿيل هجي.


تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.


اي آسمانن جا آسمان! تون کيس واکاڻ پيو. اي آسمان کان مٿي وارا پاڻي! تون بہ انهيءَ کي سڳورو چئُہ.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، جيڪو مقدس جاءِ ۾ آهي. هائو، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي، تنهن جي اوهين واکاڻ ڪريو.


آسمان خدا جو جلوو ظاهر ڪن ٿا. بيشڪ اهي سندس هٿن جي ڪاريگريءَ کي پڌرو ڪن ٿا.


هر ڪو ڏينهن ٻئي ڏينهن کي خدا جي عظمت ٿو ٻڌائي، ۽ هر ڪا رات ٻيءَ رات کي خدا جي حڪمت ٿي سيکاري.


خداوند جي حڪم سان سمورا آسمان بڻجي ويا. هن جي امر سان آسمانن جي سڄي خلقت پيدا ٿي ويئي.


بيشڪ جيئن ئي هن فرمايو تيئن دنيا پيدا ٿي پيئي، هائو، هن جي حڪم ڏيڻ سان ڌرتي وجود ۾ اچي ويئي.


جڏهن قدرتي طور ڪڪر پاڻيءَ سان ڀرجي ويندا آهن تہ اچي ڌرتيءَ تي مينهن وسائيندا آهن. وڻ توڙي جو قدرتي طور ڪهڙي بہ طرف ڪري، تہ بہ اهو پنهنجي ڪرڻ واريءَ جاءِ تي ئي پيو ٿو رهي.


هي سڀ انهيءَ ئي جوڙيو آهي، جيڪو زمين وَ آسمان کان مٿي پنهنجي تخت تي ويٺو آهي. هيٺ زمين جا رهاڪو کيس ڪِولين جيترا ننڍڙا نظر اچن ٿا. هو اهو ئي آهي جيڪو آسمان کي پردي وانگر تاڻي ٿو، ۽ رهڻ لاءِ تنبوءَ وانگر انهيءَ کي پکيڙي ٿو.


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


بني اسرائيل بابت خداوند جو هي پيغام آهي. اهو خداوند، جنهن آسمان کي پکيڙيو آهي، زمين جو بنياد وڌو اٿس ۽ انسان جي اندر روح ڦوڪيو اٿس، سو فرمائي ٿو تہ


پر هيءَ ڳالهہ انهن ڄاڻي‌واڻي وساري ڇڏي آهي تہ خدا جي حڪم سان قديم زماني ۾ آسمان وجود ۾ آيا ۽ زمين پاڻيءَ منجھان ٺهي ۽ پاڻيءَ جي وچ ۾ قائم آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ