Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:29 - Muslim Sindhi Bible

29 مون اوهان جي کائڻ لاءِ هر قسم جو اناج ۽ هر قسم جو ميوو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:29
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج.


پنهنجي ۽ هنن جي لاءِ هر قسم جو کاڌو بہ کڻ.“


اوهين اهي سڀ ساهوارا ڀاڄيءَ وانگر کائي سگھو ٿا. مون اهي سڀ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنا آهن.


هو پنهنجي بندن سان ٻڌل عهد کي هميشہ ياد رکي ٿو، سو جيڪي سندس خوف رکن ٿا تن کي هو رزق مهيا ڪري ٿو،


آسمان تہ بيشڪ خداوند جي ئي هٿ هيٺ آهن، پر ڌرتي هُن اسان انسانذات کي ڏيئي ڇڏي آهي.


انهيءَ جو شڪرانو ادا ڪريو، جيڪو هر ساهواري کي روزي رسائي ٿو، جو انهيءَ جو رحم هميشہ هميشہ تائين قائم آهي.


هو ستايلن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو، بکايلن کي کاڌو ڏئي ٿو، ۽ قيدين کي ڇڏائي ٿو.


هو نہ رڳو ڪانون جي پڪاريندڙ ٻچڙن کي، بلڪ هر جانور توڙي پکيءَ کي کاڌو مهيا ڪري ٿو.


ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون خداوند جون آهن. هائو، هي جهان ۽ ان جا رهاڪو سڀ خداوند جا ئي آهن.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


هن اهو بلڪل نہ ٿي مڃيو تہ آءٌ ئي اهو خدا آهيان، جنهن کيس اناج، مئي ۽ زيتون جو تيل ڏنو، ۽ مون ئي کيس اهو جھجھو سون ۽ چاندي عطا ڪيو، جيڪو هن بعل ديوتا جي پوڄا تي خرچ ڪيو.


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل عطا ڪيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


۽ اسين منجھس ئي جيئرا رهون ۽ هلون چلون ٿا، بلڪ اسان جي هستي انهيءَ جي ڪري آهي. اوهان جي شاعرن مان بہ ڪن ائين چيو آهي تہ ’اسين تہ خدا جو اولاد آهيون.‘


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


جيڪي هم‌ايمان هن آخري زماني ۾ دولتمند آهن، تن کي تاڪيد ڪر تہ اهي مغرور نہ ٿين. هو بي‌بقا دولت تي نہ، پر انهيءَ خدا تي آسرو رکن جيڪو اسان کي سڀ شيون جھجھي انداز ۾ ٿو ڏئي تہ جيئن اسين خوشيون ماڻيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ