Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:28 - Muslim Sindhi Bible

28 کين برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو ۽ ڌرتيءَ کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو، مڇين تي، پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪمراني ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:28
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا انهن سڀني کي برڪت ڏني. پاڻيءَ ۾ رهندڙ ساهوارن کي چيائين تہ ”وڌو ۽ ويجھو ۽ سمنڊ کي ڀرپور ڪريو.“ پکين کي چيائين تہ ”زمين تي وڌو ۽ ويجھو.“


آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ انهيءَ جي پيٽان تو کي هڪڙو پٽ ڏيندس. آءٌ هن کي برڪت ڏيندس ۽ هوءَ قومن جي ماءُ ٿيندي. هن منجھان قومن جا بادشاهہ پيدا ٿيندا.“


باقي اسماعيل بابت مون تنهنجو عرض قبول ڪيو. آءٌ کيس برڪت ڏيندس ۽ گھڻو اولاد عطا ڪندس. هو ٻارهن سردارن جو پيءُ ٿيندو ۽ آءٌ هن جي اولاد کي هڪ وڏي قوم بڻائيندس.


انهن ربقہ کي دعا ڪندي چيو تہ ”اسان جي ڀيڻ! شل تون هزارن ۽ لکن جي ماءُ ٿئين. شل تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن جي شهرن تي حڪمراني ڪري.“


جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پوءِ جڏهن عيسوءَ اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ عورتن ۽ ٻارن کي ڏٺائين، تڏهن يعقوب کان پڇيائين تہ ”هي تو سان ڪير آهن؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”هي اهي ٻار آهن جيڪي خدا پنهنجي فضل سان تنهنجي خادم کي ڏنا آهن.“


اي يوسف! اهو منهنجو خدا ئي آهي، جيڪو تنهنجي اولاد جي مدد پيو ڪندو. هائو، قادرِمطلق خدا مٿان آسمان مان برسات، ۽ هيٺان زمين مان کين چشمن جو پاڻي عطا ڪندو. هو ٻارن توڙي چوپائي مال ۾ کين جھجھيون برڪتون عطا ڪندو.


جڏهن سڄيءَ دنيا ۾ ماڻهو پکڙجي ويا ۽ انهن مان ڌيئرون پيدا ٿيون،


سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“


خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ ”گھڻا ٻار ڄڻيو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.


گھڻا ٻار پيدا ڪريو تہ جيئن سڄي ڌرتي اوهان جي اولاد سان ڀرجي وڃي.“


عمي‌ايل، اِسڪار، فعلتي. خدا عوبيدادوم کي انهن اٺن پٽن سان نوازيو هو.


هڪ ڏينهن يعبيض بني اسرائيل جي خدا کان دعا گھري تہ ”اي خدا! مون کي برڪت وارو ڪر ۽ هڪ وڏو ملڪ عطا ڪر. تون مون سان گڏ هج ۽ مون کي بڇڙائيءَ کان بچائي رک تہ جيئن مون کي ڪو ڏک نہ پهچي.“ خدا سندس اها دعا قبول ڪئي.


ڇا تون هن جي گھڻي طاقت جي ڪري مٿس ڀاڙي ويهندين، ۽ پنهنجا ڳرا ڪم هن جي حوالي ڪري ڇڏيندين؟


خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


بيشڪ خداوند انهن ماڻهن کي برڪت ڏئي ٿو، تہ جيئن اُهي وڌي گھڻا ٿي پون، ۽ سندن ڍورن ڍڳن جا ڌڻ بہ گھڻو وڌي وڃن.


آسمان تہ بيشڪ خداوند جي ئي هٿ هيٺ آهن، پر ڌرتي هُن اسان انسانذات کي ڏيئي ڇڏي آهي.


اي زمين وَ آسمان! اوهين انهيءَ جي واکاڻ ڪريو، ۽ اي سمنڊؤ! اوهين ۽ اوهان ۾ جو ڪجھہ گھمي ڦري ٿو، سي پڻ انهيءَ جي تعريف ڪريو.


تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.


تو رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا، بلڪ سڀيئي جھنگلي جانور پڻ هن جي اختيار ۾ ڏنا آهن.


بيشڪ خداوند، جنهن آسمان پيدا ڪيا آهن، سو ئي خدا آهي. هن ئي ڌرتي جوڙي تيار ڪئي آهي، ۽ انهيءَ کي هميشہ لاءِ قائم ڪيو اٿس. هن انهيءَ کي ويران ڪرڻ لاءِ نہ، بلڪ آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيو آهي. سو ئي خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ ئي خداوند آهيان، ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


آءٌ اوهان تي مِهر جي نظر ڪندس ۽ اوهان کي گھڻو اولاد ڏيئي وڌائيندس. آءٌ اوهان سان ٻڌل عهد پورو ڪندس.


اهڙا ماڻهو شادي ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ کاڌي وارين ڪن شين کان پرهيز ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين، جڏهن تہ اهي شيون خدا انهيءَ لاءِ پيدا ڪيون آهن تہ جيڪي ماڻهو ايمان رکن ٿا ۽ سچ کي سڃاڻين ٿا سي انهن کي شڪرگذاريءَ سان کائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ