17 خدا انهن روشنين کي آسمان جي حد ۾ رکيو، تہ جيئن زمين کي روشن ڪن.
17 ۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن،
آءٌ پنهنجي انڊلٺ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها دنيا سان منهنجي عهد جي نشاني ٿيندي.
اي ايوب! ڇا تو پنهنجي پوري حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ صبح تي حڪم هلايو آهي تہ ’ٿي پئُہ؟‘ يا سج تي حڪم هلايو اٿيئي تہ ’اڀري اچ؟‘
اي خداوند، اسان جا رب! سڄي دنيا تي تنهنجو نالو ڪيڏو نہ سربلند آهي! تو پنهنجي عظمت کي آسمانن کان بہ مٿي قائم ڪيو آهي.
جڏهن آءٌ آسمانن کي ڏسان ٿو، جيڪي تنهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جڏهن آءٌ چنڊ تارن تي غور ڪريان ٿو، جيڪي تو ئي مقرر ڪيا آهن،
”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين،
مون خداوند جهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات توڙي زمين ۽ آسمان جو هڪ اڻٽٽ نظام ۽ قاعدو قانون مقرر ڪيو آهي،
ڇاڪاڻ تہ خداوند جو هي حڪم اسان لاءِ بہ آهي تہ ’مون تو کي غير قومن جي لاءِ روشني مقرر ڪيو آهي، تہ تون سڄي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڇوٽڪاري جو وسيلو بڻجين.‘“