Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ خدا حڪم ڏنو تہ ”آسمان جي حد ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن ۽ اُهي مندن، ڏينهن ۽ سالن جي شروع ٿيڻ جو وقت ظاهر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:14
43 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو سانجھي ٿي ۽ صبح ٿيو. اهو ٽيون ڏينهن هو.


اُهي زمين کي روشن ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ چمڪن.“ سو ائين ئي ٿيو.


جيستائين دنيا هوندي تيستائين پوکي توڙي لوب، سردي ۽ گرمي، اونهارو ۽ سيارو، ڏينهن ۽ رات ٿيندا رهندا.“


آءٌ پنهنجي انڊلٺ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها دنيا سان منهنجي عهد جي نشاني ٿيندي.


ڇا ڪو خدا جي لشڪرن جو شمار ڪري ٿو سگھي؟ ڇا ڪو اهڙو بہ آهي جنهن تي سندس سج جي روشني نہ ٿي پوي؟


ياد رک، هن جي نظر ۾ نڪي چنڊ روشن آهي، ۽ نہ وري ستارا ئي پاڪ آهن.


شال انهيءَ رات جي صبح جا تارا بلڪل ڪارا ٿي وڃن، اها روشنيءَ جي راهہ تڪيندي رهي پر شل کيس اها نہ ملي، هائو، اها رات شل صبح جا ڪرڻا ئي نہ ڏسي.


سڀيئي شيون تنهنجي حڪم سان اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. بيشڪ هر شيءِ تنهنجي ئي تابعدار آهي.


اي سج ۽ اي چنڊ! اوهين سندس واکاڻ ڪريو. اي سڀيئي چمڪندڙ تارؤ! اوهين کيس سڳورو چئو.


هن ئي هميشہ لاءِ انهن کي سندن جاءِ تي قائم ڪيو آهي. انهن لاءِ جاري ڪيل سندس قانون هرگز مٽجي نہ ٿو سگھي.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اوهين خداوند جي واکاڻ ڪريو، جيڪو مقدس جاءِ ۾ آهي. هائو، جيڪو عرش عظيم تي تخت‌نشين آهي، تنهن جي اوهين واکاڻ ڪريو.


اوهين نئين چنڊ نڪرڻ تي ۽ چوڏهينءَ جي چنڊ تي، يعني پنهنجن وڏن ڏينهن جي شروعات تي نفيلون وڄايو.


اي انسانؤ! پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻي ڏسو تہ انهن سڀني ستارن ۽ سيارن جو خالق ڪير آهي؟ رڳو اهو ئي آهي، جيڪو انهن کي هڪ لشڪر وانگر هلائي ٿو. اهو ئي انهن جو تعداد ڄاڻي ٿو، ۽ انهن مان هر هڪ کي سندس نالو وٺي سڏي ٿو. هن جي قدرت ايڏي تہ عظيم آهي، جو انهن مان ڪو هڪڙو بہ گم نہ ٿو ٿئي!


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين ٻين قومن وارا طور طريقا نہ سکو ۽ آسمان وارين نشانين کان خوف‌زدہ نہ ٿيو، جن کان ٻيون قومون خوف‌زدہ ٿين ٿيون.


اهو جنهن سج کي ڏينهن جي روشنيءَ لاءِ ۽ چنڊ ۽ تارن کي رات جي روشنيءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، اهو، جيڪو سمنڊ ۾ هلچل پيدا ٿو ڪري، جنهن سان ان جون ڇوليون گجگوڙ ڪن ٿيون، تنهن جو ئي نالو قادرِمطلق خداوند آهي،


”جهڙيءَ طرح مون خداوند ڏينهن ۽ رات جو اڻٽٽ نظام قائم ڪيو آهي ۽ اهو ممڪن ئي ناهي جو ڏينهن ۽ رات پنهنجي مقرر وقت تي نہ ٿين،


مون خداوند جهڙيءَ طرح ڏينهن ۽ رات توڙي زمين ۽ آسمان جو هڪ اڻٽٽ نظام ۽ قاعدو قانون مقرر ڪيو آهي،


خداوند فرمايو تہ ”اي بني اسرائيل! هيڪل جي اندرين اڱڻ جي اوڀر طرف وارو لنگھہ ڪم ڪار وارا ڇهہ ئي ڏينهن بند رهڻ گھرجي. پر سبت جي ڏينهن تي توڙي نئين چنڊ واري ڏينهن تي اهو لنگھہ بني اسرائيل جي حڪمران لاءِ کوليو وڃي.


جيڪي قربانيون حڪمران نئين چنڊ جي ڏينهن تي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندو سي هي آهن. کيس هڪڙو وهڙو، ڇهہ گھيٽا ۽ هڪڙو گھٽو پيش ڪرڻو پوندو، جيڪي سڀ بي‌عيب هجن.


انهن جي اچڻ سان ڌرتي ڌُڏي ويندي، ۽ آسمان ڏڪي ويندو. هنن آڏو سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ختم ٿي ويندي.


انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.


ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن، جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو، جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي صبح جو سوجھرو ڪري ٿو، هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو، انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي.


آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو جو آءٌ سج کي منجھند جو ئي لاهي ڇڏيندس، ۽ ڏينهن ڏٺي جو آءٌ زمين تي اوندهہ ڪري ڇڏيندس.


۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“


”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ جلد ئي سج ڪاراٽجي ويندو، چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو، تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو.


ساڳيءَ طرح متان جڏهن اوهين آسمان ڏانهن نهاريو ۽ سج، چنڊ ۽ تارا يعني آسمان واريون سڀيئي شيون ڏسي گمراهہ ٿيندي انهن کي سجدو ڪريو ۽ انهن جي پوڄا ڪريو، جن کي خداوند اوهان جي خدا، دنيا جي سڀني قومن جي خدمت لاءِ بڻايو آهي.


جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پهتو، جنهن ڪري انهن جو ٽيون حصو اونداهو ٿي پيو. مطلب تہ ڏينهن توڙي رات جو ٽيون حصو روشني وڃائي ويٺو.


هن اوڙاهہ واري کڏ کولي تہ انهيءَ مان وڏي کُوري وانگر دونهون نڪرڻ لڳو. انهيءَ کڏ جي دونهين جي ڪري سج ۽ هوا ڪارا ٿي پيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ