Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




پيدائش 1:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ حڪم ڏنائين تہ ”زمين تي اناج ڏيندڙ توڙي ميوا ڏيندڙ ٻوٽن سميت سڀني قسمن جا ٻوٽا پنهنجي پنهنجي جنس موجب پيدا ٿين.“ سو ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




پيدائش 1:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن زمين تي هر قسم جا ٻوٽا پيدا ٿيا، خدا ڏٺو تہ اهو چڱو آهي.


مون اوهان جي کائڻ لاءِ هر قسم جو اناج ۽ هر قسم جو ميوو مهيا ڪري ڇڏيو آهي.


خداوند خدا آدم کي چيو تہ ”باغ ۾ هر ڪنهن وڻ جو ميوو ڀلي کائيندو رهج.


جڏهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو، تڏهن زمين تي نہ ڪو کاڌي وارو ٻوٽو هو ۽ نہ وري ڪو پوکيل اناج ڦٽي نڪتو هو، ڇو تہ اڃا تائين زمين تي نہ ڪو مينهن وسايو هئائين ۽ نہ وري ڪو انسان ئي هو جيڪو زمين تي پوک ڪري.


هن هر قسم جا سهڻا وڻ اُڀاريا ۽ منجھن سٺو ميوو بہ پيدا ڪيو. باغ جي وچ ۾ هڪ اهڙو وڻ هو جيڪو حياتي ڏيندڙ هو ۽ ٻيو اهڙو وڻ بہ هو جيڪو نيڪيءَ ۽ بديءَ جي سڃاڻپ ڏيندڙ هو.


جنهن زمين مان خوراڪ پيدا ٿئي ٿي، تنهن کي اندران ڄڻڪ باهہ سان اٿلايو پٿلايو وڃي ٿو.


اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


جيئن زمين پنهنجا سلا ڪڍي ٿي، ۽ جيئن باغ ۾ جيڪي پوکجي ٿو، سو اهو اڀاري ڪڍي ٿو، تيئن ئي خداوند خدا سڀني قومن آڏو اسان منجھہ حق سچ ۽ واکاڻ کي اڀاري ظاهر ڪندو.


اهي انهيءَ وڻ وانگر ٿيندا، جيڪو نديءَ جي ڀرسان پوکيل هجي، ۽ جنهن جون پاڙون هيٺ پاڻيءَ تائين ٿيون پهچن. ان کي گرميءَ جي اچڻ جو ڪوبہ خوف نہ هوندو آهي، انهيءَ جا پن سدائين ساوا رهندا آهن. اهو سدائين ميوو ڏيندو رهندو آهي، سو خشڪ ساليءَ ۾ بہ انهيءَ کي ڪا ڳڻتي نہ هوندي آهي.“


هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو.


ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ خدا ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!


زمين پاڻيهي فصل ڏئي ٿي، پهريائين سلو، پوءِ سنگ ۽ ان کان پوءِ سنگ ۾ داڻا ٿين ٿا.


خدا کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي جسم ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو جسم عطا ڪري ٿو.


ڏسو، جيڪا زمين پاڻ تي بار بار پوندڙ مينهن جو پاڻي پيئي ٿي ۽ پنهنجي پوکيندڙ لاءِ ڪمائتو فصل ٿي اُپائي، تنهن تي خدا جي برڪت نازل ٿئي ٿي.


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ڇا اهو ٿي سگھي ٿو تہ انجير جو وڻ زيتون يا انگورن جي ول انجير جو ڦل جھلي؟ هرگز نہ. ساڳيءَ طرح کاري پاڻيءَ جو چشمو مٺو پاڻي نہ ٿو ڏئي سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ