Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 6:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 ڪوبہ ايشور کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. سو اهڙي سوچ رکي پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، انسان جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِ⁠جو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 6:7
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ مون تہ ڏٺو آهي تہ جيڪي بدڪاريءَ جو هر ٿا ڪاهين، ۽ ايذائڻ جو ٻج ٿا پوکين، سي لڻن بہ بدڪاري ۽ ايذاءُ ئي ٿا.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.


بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن.


ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو.


آءٌ خداوند اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين هي سوچيندي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هاڻي بابلي يقيناً اسان تي موٽي ڪاهہ نہ ڪندا.‘ پر اهي ضرور موٽي ايندا.


اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.


مون کين چيو تہ ’اوهان جي سوچ جيڪا غير آباد ٻنيءَ مثل آهي، تنهن کي اوهين هر ڏيئي کيڙيو، اوهين انهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ سچائي پوکيو ۽ وفاداري لڻو. اهڙيءَ طرح اوهين مون خدا جا طالبو ٿيو، تہ پوءِ آءٌ اچي اوهان تي حق سچ جي برسات وسائيندس.‘


پر اوهان بدڪاري پوکي ۽ ناانصافي لڻي اٿوَ، اوهان ڪوڙ جي ميوي سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي. اوهان پنهنجي گھوڙي گاڏين، ۽ بهادرن جي گھڻائيءَ تي ڀروسو رکيو.


جڏهن هو واءُ پوکيندا تہ لڻندا بہ طوفان، سندن فصل ۾ ڪو سنگ نہ بچندو، نڪي انهيءَ مان ڪو اناج نڪرندو، پر جي کڻي انهيءَ مان اناج نڪري بہ تہ اهو ڌاريا لٽي ڦري کائي ويندا.


تون مٿاهين جبل تي مضبوط قلعي ۾ ٿي رهين، جنهن سبب تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين ٿي تہ ’ڪير آهي جيڪو مون کي هيٺ زمين تي ڪيرائي سگھي؟‘ پر اي جبلن ۾ رهندڙ قوم! تنهنجي مغروري ئي تو کي دوکو ڏيندي.


پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين.


عيسيٰ چين تہ ”هوشيار رهو، متان گمراهہ ٿي وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ هر ڪو چوندو تہ ’آءٌ مسيح آهيان.‘ يا وري چوندو تہ ’اهو وقت اچي پهتو آهي.‘ پر متان انهن جي پيروي ڪئي اٿوَ.


تہ پوءِ پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو. ياد رکو، ”بري صحبت سٺيون عادتون بگاڙي ڇڏي ٿي.“


ڪوبہ ماڻهو پاڻ کي نہ ٺڳي. جيڪڏهن اوهان منجھان ڪو ماڻهو ڀانئين ٿو تہ هو دنيا جي لحاظ کان ڏاهو آهي، تہ پوءِ کيس بي‌وقوف بڻجڻ گھرجي تہ جيئن هو حقيقي ڏاهو ٿي پوي.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


ياد رکو، جيڪو ٿورو ٻج ٿو پوکي سو لڻندو بہ ٿورو ۽ جيڪو گھڻو ٿو پوکي سو لڻندو بہ گھڻو.


ياد رکو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪجھہ نہ هوندي بہ، پنهنجو پاڻ کي ڪجھہ سمجھي ٿو تہ هو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


مطلب تہ ڪنهن بہ طرح ڪنهن ماڻهوءَ جي دوکي ۾ نہ اچجو. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڏينهن تيستائين نہ ايندو، جيستائين خدا جي خلاف وڏي بغاوت نہ ٿئي ۽ اهو وڳوڙي جنهن جي پڇاڙي بربادي آهي ظاهر نہ ڪيو وڃي.


اوهين پيغام جا رڳو ٻڌندڙ نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام کي رڳو ٻڌي ٿو پر ان تي عمل نہ ٿو ڪري، تہ اهو پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي. هو انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پنهنجي شڪل آئيني ۾ رڳو ڏسي


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار ٿو سمجھي پر پنهنجي زبان کي ضابطي ۾ نہ ٿو رکي تہ سندس دينداري اجائي آهي ۽ اهو پاڻ کي دوکو ٿو ڏئي.


جيڪڏهن اسين چئون تہ اسان ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچ موجود ڪونهي.


سو اي پيارا ٻارؤ! ڪنهن جي دوکي ۾ نہ اچجو. جيڪو سچائيءَ جا ڪم ڪري ٿو سو ئي سچار آهي، جيئن مسيح سچار آهي.


”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ