Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪو خدا جي ڳالهين جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 جيڪو ايشور جي ڳالهين جي سکيا حاصل ٿو ڪري، تنهن کي گھرجي تہ سکيا ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 6:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن شريعت ۾ لکيل آهي تيئن اسين پنهنجا پهريتا پٽ، پنهنجي چوپائي مال ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ خدمتگار ڪاهنن وٽ آڻينداسون.


اهو اوهين ۽ اوهان جا گھراڻا ڀلي هر ڪنهن هنڌ وڃي کائو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جي انهيءَ خدمت جو معاوضو آهي جا اوهين مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪريو ٿا.


سفر ۾ پاڻ سان نہ ٿيلهو کڻجو، نڪي هڪڙي جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا يا جتيون ۽ نہ وري ڪا لٺ کڻجو، ڇاڪاڻ تہ مزدور پنهنجي کاڌي پيتي جو حقدار آهي.


آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي تعليم ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي.


انهن پاڻ اهو فيصلو ڪيو آهي. پر حقيقت ۾ مٿن اهو فرض بہ هو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي روحاني برڪتون يروشلم جي ايمان وارن کي مليون هيون، تن ۾ غير قومن کي بہ شريڪ ڪيو اٿائون. سو غير قومن تي واجب آهي تہ هو پنهنجن مالي وسيلن سان انهن جي مدد ڪن.


خبردار، جيستائين اوهين انهيءَ ملڪ ۾ جيئرا آهيو، تيستائين لاوين کي نہ وسارجو.


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ