Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي شريعت کي پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين هڪٻئي جا بار کڻو، اهڙيءَ طرح اوهين مسيح جي نيم کي پورو ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 6:2
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يوآب ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”جيڪڏهن ارامي مون کان ڏاڍا ٿيا تہ تون منهنجي مدد ڪجانءِ، پر جيڪڏهن بني عمون تو کان ڏاڍا ٿيا تہ آءٌ تو کي مدد ڏيندس.


جيڪو ماڻهو اوهان کي ڌڪاري ٿو، جيڪڏهن اوهين انهيءَ جو گڏهہ بار هيٺ دٻيل ڏسو، تہ کيس ڇڏي هليا نہ وڃو، بلڪ ضرور سندس مدد ڪريو.


پر جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي آهي تہ ظلم جا زنجير ٽوڙيا وڃن، غلاميءَ جي پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙيا وڃن، مظلومن کي آزاد ڪيو وڃي، بلڪ هر قسم جي غلاميءَ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏجي.


هن اهي ڪم ڪري يسعياہ نبيءَ جي چيل قول کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي شريعت جا عالمؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو.


آءٌ اوهان کي هڪ نئون حڪم ٿو ڏيان تہ هڪٻئي سان پيار ڪريو. هائو، جهڙو مون اوهان سان پيار ڪيو آهي، تهڙو ئي اوهين بہ هڪٻئي سان پيار ڪريو.


اهو ئي منهنجو حڪم آهي تہ اوهين هڪٻئي سان پيار ڪريو، جيئن مون اوهان سان پيار ڪيو آهي.


انهيءَ کان علاوہ اسان مان جن جو ايمان مضبوط آهي سي ڪمزور ايمان وارن جي ڪمزورين کي برداشت ڪن ۽ پنهنجي مرضيءَ تي نہ هلن.


پاڪ روح جي حڪمراني جيڪا اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ زندگي ڏئي ٿي، تنهن اسان کي گناهہ ۽ موت جي حڪمرانيءَ کان ڇڏايو آهي.


غير قومون جيڪي شريعت کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ خدا جي شريعت کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي شريعت جو پابند هئس.


اهڙيءَ طرح هر ڪو ماڻهو پنهنجو ٻوجھہ پاڻ کڻندو.


پر آءٌ اڪيلو اوهان جو بار، اوهان جو جنجال ۽ اوهان جا جھيڙا جھڳڙا ڪهڙيءَ طرح کڻي سگھندس؟


انهيءَ سان گڏ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اوهان کي اهو تاڪيد بہ ڪريون ٿا تہ اجايو وقت وڃائڻ وارن کي سمجھايو، بزدل ماڻهن کي همتايو، هيڻن جي مدد ڪريو ۽ سڀني سان ڏاڍي صبر سان پيش اچو.


پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.


ياد رکو، اوهان جو فيصلو آزادي ڏيندڙ شريعت جي انهيءَ عظيم حڪم مطابق ٿيڻو آهي. تنهنڪري پنهنجو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ هلت چلت نيڪ رکو،


پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ سو جيڪڏهن اوهين خدا جي انهيءَ شاهي حڪم تي عمل ڪندي پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان پيار ڪريو ٿا، تہ پوءِ چڱو ٿا ڪريو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ انهن سچائيءَ جي واٽ کي ڄاتو تہ سهي پر انهيءَ واٽ تي هلڻ واري پاڪ حڪم کان ڦري ويا، جيڪو کين سونپيو ويو هو. سو انهن لاءِ سٺو ٿئي ها جو اهي ان واٽ کي ڄاڻن ئي نہ ها.


جيڪي پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن. انهن سان گڏ اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ جو سچائيءَ جي واٽ تي هلڻ وارو اهو حڪم بہ ياد ٿو ڏياريان، جيڪو اوهان کي رسولن جي وسيلي ڏنو ويو هو.


جڏهن تہ مسيح جي طرفان اسان کي اهو حڪم مليو آهي تہ جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، سو پنهنجي هم‌ايمان ڀاءُ ڀيڻ سان بہ پيار ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ