Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 6:13 - Muslim Sindhi Bible

13 طهر ڪرائڻ وارا تہ پاڻ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 ختنو ڪرائڻ وارا تہ پاڻ نيم تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن، پر هو اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ انهيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن، تہ جيئن اوهان جي انهيءَ شريري رسم کي قبول ڪرڻ تي اهي فخر ڪري سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ڇالاءِ⁠جو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 6:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.


مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين خدا جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي شريعت جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، رحم ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها.


تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن.


تنهنڪري تازي مئي هميشہ نون ساندارن ۾ ڀرڻ گھرجي.


تنهنڪري ڪوبہ ڪنهن انسان تي فخر نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ خدا ئي سڀ ڪجھہ اوهان کي ڏنو آهي،


سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟


جيئن ٻيا گھڻا ئي ماڻهو جسماني طور فخر ڪن ٿا. آءٌ بہ اهڙو ئي فخر ڪندس،


ياد رکو تہ حقيقي طهر ڪرايل اسين آهيون، جيڪي خدا جي پاڪ روح جي مرضيءَ سان زندگي گذاريون ٿا، عيسيٰ مسيح تي فخر ڪريون ٿا ۽ جسماني ڳالهين تي ويساهہ نہ ٿا رکون.


هو انهن کي آزاديءَ جو واعدو ڏين ٿا، جڏهن تہ پاڻ تباهيءَ واري بڇڙائيءَ جا غلام بڻيا وتن. ياد رکو، جيڪا شيءِ انسان تي غالب اچي ٿي تنهن جو انسان غلام بڻجي وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ