Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پر جيڪڏهن اوهين پاڪ روح جي هدايت تي هلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 پر جيڪڏهن اوهين پوِتر آتما جي هدايت تي هلو ٿا تہ نيم جي وس هيٺ نہ آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 پر جيڪڏھن اوھين پاڪ روح جي ھدايتن تي ھلو ٿا تہ شريعت جي تابع نہ آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي ۽ عدل جي رستن تي هلان ٿي،


آءٌ پنهنجو روح اوهان منجھہ وجھندس ۽ اوهان کان پنهنجي قاعدن قانونن جي پيروي ڪرائيندس. هائو، پوءِ اوهين منهنجي حڪمن جي تابعداري ڪندي انهن تي عمل ڪندا.


تنهن هوندي بہ جڏهن سچ جو روح ايندو، تڏهن اهو پوري سچائيءَ ڏانهن اوهان جي رهنمائي ڪندو. اهو پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ نہ چوندو، پر خدا کان جيڪو ٻڌندو سو ئي چوندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جيڪي ڳالهيون اوهان کي پيش اينديون سي اوهان کي کولي ٻڌائيندو.


منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ساڳيءَ طرح مسيح جي موت جي وسيلي اوهين بہ شريعت جي لحاظ کان مري ويا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مسيح سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي هڪ ٿي وڃو، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿيو. انهيءَ طرح اسين سڀ خدا جي لائق ڦل جھلينداسين.


تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين انساني فطرت جا قرضدار نہ آهيون جو انهيءَ موجب زندگي گذاريون.


سو جيڪي خدا جي روح جي هدايت موجب هلن ٿا سي ئي خدا جا ٻار آهن.


پر آءٌ چوان ٿو تہ پاڪ روح جي هدايت تي هلو، تہ پوءِ اوهين انساني فطرت جي خواهشن کي ڪڏهن بہ پورو نہ ڪندا،


نماڻائي ۽ پرهيزگاري. اهڙين ڳالهين جي برخلاف ڪابہ شريعت نہ آهي.


هاڻي جيئن تہ اسين پاڪ روح جي ڪري جيئرا آهيون، سو اسان کي هلڻ بہ پاڪ روح جي هدايت موجب کپي


اسين هي بہ ڄاڻون ٿا تہ شريعت نيڪ ماڻهن لاءِ نہ ٺهي آهي. پر اها نافرمانن ۽ فسادين، بي‌دينن ۽ گنهگارن، خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙن ۽ ڪفر بڪندڙن لاءِ ۽ انهن لاءِ ٺهي آهي جيڪي ماءُ پيءُ کي ماريندڙ آهن ۽ جيڪي خوني آهن.


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ