Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 شل جيڪي اوهان کي منجهائين ٿا، سي پاڻ کي ڪَپي ڇڏين تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي ختنو ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي ختني وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 شل جيڪي اوھان کي بي⁠آرام ڪن ٿا، سي پنھنجو پاڻ کي ڪپي نامرد بڻائي ڇڏين تہ چڱو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڳتي جنهن بہ مرد جو طهر ٿيل نہ هوندو تنهن ڄڻ منهنجو عهد ٽوڙيو آهي، سو انهيءَ کي تنهنجي نسل مان خارج ڪيو وڃي.“


تڏهن لابن چيو تہ ”جيئن تون چوين ٿو تيئن ٺيڪ آهي.“


خداوند کين بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ فرمايو تہ ”انهيءَ ئي ڏينهن کان وٺي ستن ڏينهن تائين اوهين بي‌خميري ماني کائجو. اوهين عيد جي پهرئين ئي ڏينهن خمير پنهنجن گھرن مان ڪڍي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهو پهرئين ڏينهن کان وٺي ستين ڏينهن تائين ڪڏهن بہ خميري ماني کائيندو، تہ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘


تنهن تي انهن چيس تہ ”تون اصل ڄائو ئي گناهن ۾ آهين ۽ هاڻي تون ٿو اسان کي سيکارين؟“ پوءِ انهن کيس عبادت‌خاني مان نيڪالي ڏيئي ڇڏي.


اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ جا مرداڻا خاص عضوا چٿيل يا وڍيل هجن، سو خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي نہ ٿو سگھي.


ڪليسيا ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ ماڻهوءَ کي هڪ ٻہ دفعا نصيحت ڪر. جيڪڏهن پوءِ بہ نہ مڃي تہ ساڻس ڪوبہ تعلق نہ رک.


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


يشوع چيو تہ ”تو اسان تي هيءَ مصيبت ڇو آندي آهي؟ اڄ خداوند تو تي مصيبت آڻيندو.“ پوءِ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن هن کي ۽ سندس خاندان کي سنگسار ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪيت سميت کين ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ