Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 5:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ اسين پرڀو يسوع جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اسان جي خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري مون کي اوھان بابت يقين آھي تہ اوھين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا. پر جيڪو ماڻھو اوھان کي پريشان ٿو ڪري سو ڪير بہ ھوندو تہ سزا پائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 5:10
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسان ٻڌو آهي تہ اسان مان ڪي ماڻهو جن کي اسان ڪوبہ اختيار نہ ڏنو آهي، تن وڃي اوهان کي ڪي ڳالهيون ٻڌائي منجھائي وڌو آهي ۽ اوهان کي پريشان ڪري ڇڏيو اٿائون.


انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس جسماني خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس روح خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.


جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون برڪتون ملن.


جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي دليري ڏيکارڻ لاءِ مجبور نہ ڪجو. ڏسو، ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سمجھن ٿا تہ اسان جي هلت چلت دنياوي آهي، تن کي آءٌ دليري بہ ڏيکاري سگھان ٿو.


سو اسين تيار آهيون تہ جڏهن اوهين پوريءَ طرح تابعدار ٿي ويندا، تڏهن اسين هر طرح جي نافرماني ڪندڙن کي سزا ڏينداسين.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا سزا اوهان مان گھڻن ماڻهن جي طرفان کيس ملي آهي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي.


تنهنڪري هاڻي کان اسين ڪنهن کي بہ دنياوي نظر سان نہ ٿا ڏسون. پهريائين اسان مسيح کي بہ دنياوي نظر سان ٿي ڏٺو، پر هاڻي ائين نہ ٿا ڪريون.


آءٌ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ هر ڳالهہ ۾ مون کي اوهان جي طرفان خاطري ٿي ويئي آهي.


اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي.


جيڪا حقيقت ۾ خوشخبري آهي ئي نہ. ڳالهہ هيءَ آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اوهان ۾ مونجھارو پيدا ڪري مسيح بابت خوشخبريءَ ۾ تبديلي آڻڻ ٿا گھرن.


طهر جو سوال تہ انهن ڪوڙن ڀائرن اٿاريو، جيڪي چور وانگر لڪي ڇپي اسان ۾ گھڙي آيا هئا، تہ جيئن جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح ۾ ملي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي يهودي ريتن رسمن جي غلاميءَ ۾ ڦاسائي ڇڏين.


باقي ڪليسيا ۾ جيڪي معتبر ليکيا ويندا هئا، پوءِ انهن جو رتبو ڪهڙو بہ هو، انهيءَ ڳالهہ سان منهنجو واسطو ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نظر ۾ سڀ برابر آهن، تن مان مون کي وڌيڪ ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي.


اي بي‌وقوف گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.


سو مون کي اوهان بابت ڊپ آهي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي سا اجائي وڃي.


اهي شريعت جا پابند اوهان کي پنهنجو بڻائڻ لاءِ جذبو تہ رکن ٿا، پر سندن نيت صاف نہ آهي. اهي اوهان کي مون کان ڌار ڪرڻ چاهين ٿا تہ جيئن اوهين رڳو انهن لاءِ ئي جذبو رکو.


دل چوي ٿي تہ آءٌ هاڻي ئي اوهان وٽ پهچي نرميءَ سان اوهان کي سمجھايان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي باري ۾ ڏاڍو منجھي پيو آهيان.


چڱو تہ ائين ٿيندو تہ جيڪي اوهان کي طهر ڪرائڻ لاءِ پريشان ڪن ٿا، سي پنهنجو پاڻ کي طهر وانگر اوهان کان ڪٽي ڇڏين.


اوهين تہ ايمان جي ڊوڙ چڱيءَ طرح ڊوڙي رهيا هئا. پوءِ اهي ڪير ٿيندا آهن جيڪي اوهان کي سچ جي پيرويءَ کان روڪين ٿا؟


اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي نشان آءٌ پنهنجي بدن تي کنيو ٿو وتان سي ظاهر ٿا ڪن تہ آءٌ عيسيٰ جو غلام آهيان.


تنهنڪري اسان مان جيڪي روحاني طور بالغ آهن، تن کي اهو ئي خيال رکڻ گھرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان جو ڪو ٻيو خيال هجي تہ خدا انهيءَ کي بہ اوهان تي کولي پڌرو ڪندو.


خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.


آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ