گلتين 4:5 - Muslim Sindhi Bible5 انهيءَ لاءِ تہ شريعت جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني ايمان وارن کي خدا جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible5 انهيءَ لاءِ تہ نيم جي وس هيٺ رهڻ وارن کي هو عيوضو ڏيئي ڇڏائي ۽ اسان سڀني وشواسين کي ايشور جا ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament5 انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.