Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




گلتين 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 توڙي جو منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيتوڻيڪ منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزار هو، تہ بہ اوهان نڪي مون کي حقير سمجهيو، نڪي ڌڪاريو؛ پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر سمجهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 توڙي جو منهنجي شريري حالت اوهان لاءِ هڪ آزمائش هئي، تڏهن بہ اوهان مون کي نڪي نيچ سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوهان مون کي ايشور جي دوت وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر ڪري قبول ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيتوڻيڪ منھنجي جسماني حالت اوھان لاءِ ھڪ آزمائش ھئي تڏھن بہ اوھان مون کي نہ ڪي حقير سمجھيو، نڪي ڌڪاريو. پر اوھان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ عيسيٰ مسيح وانگر قبول ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




گلتين 4:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهان جي ٻانهي سمجھي ٿي تہ پنهنجي آقا بادشاهہ جي ڳالهہ تسليءَ جهڙي هوندي، ڇاڪاڻ تہ منهنجو آقا بادشاهہ چڱي ۽ بڇڙي جي پرکڻ ۾ خدا جي ملائڪ جهڙو آهي. شل خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ هجي.“


اٽلندو هن منهنجي آقا بادشاهہ وٽ اچي اوهان جي ٻانهي تي تهمت هنئي آهي. پر جيئن تہ منهنجو آقا بادشاهہ پرکڻ ۾ خدا جي فرشتي جهڙو آهي، تنهنڪري جيئن اوهين مناسب سمجھو تيئن ڪريو.


اوهين جيڪي آرام ۽ سک ۾ آهيو، تن جو خيال آهي تہ مصيبت وارا نفرت جي لائق آهن. هائو، جيڪي ڪِرڻ تي آهن، تن کي ئي اوهين ڌڪو ڏيئي ٿا ڪيرايو.


آءٌ خسيس ۽ حقير تہ آهيان، پر تڏهن بہ تنهنجي قاعدن کي ڪين ٿو وساريان.


تڏهن مون سمجھيو تہ ”ڏاهپ طاقت کان وڌيڪ بهتر آهي.“ پر غريب ماڻهوءَ جي ڏاهپ کي ڪابہ اهميت نہ ٿي ڏني وڃي ۽ هن جي ڪنهن ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ٿو ڏنو وڃي.


پوءِ آءٌ خداوند يروشلم جي رهاڪن جي بہ حفاظت ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان ضعيف ترين ماڻهو بہ دائود وانگر طاقتور ٿين ۽ دائود جو گھراڻو وڏيءَ عظمت وارو ٿئي، ايتري قدر جو اهي منهنجي قوم جي اهڙيءَ طرح اڳواڻي ڪن جو ڄڻ تہ آءٌ خداوند پنهنجي فرشتي جي وسيلي سندن اڳواڻي ٿو ڪريان.


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


”جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو اوهان جي ٻڌي ٿو، سو منهنجي ٻڌي ٿو. جيڪو اوهان کي نہ ٿو مڃي، سو مون کي نہ ٿو مڃي ۽ جيڪو مون کي نہ ٿو مڃي، سو خدا کي نہ ٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“


خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.


اسين تہ مسيح جي خاطر بي‌وقوف ٿا سڏجون، پر اوهين مسيح ۾ سياڻا ٿا ليکجو. اسين هيڻا پر اوهين طاقتور، اوهين عزت وارا پر اسين بي‌عزت ٿا ليکجون.


تنهنڪري اسين مسيح جي پاران ايلچي آهيون ۽ خدا اسان جي وسيلي ماڻهن کي نصيحت ٿو ڪري. سو اسين مسيح جي پاران اوهان کي منٿ ٿا ڪريون تہ خدا کي پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرڻ ڏيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي وسيلي اوهين سڀيئي خدا جا ٻار بڻجي ويا آهيو.


سو جيئن تہ اوهين سڀيئي عيسيٰ مسيح جا ٿي ويا آهيو، تنهنڪري اوهان ۾ يهودي يا غير يهودي، غلام يا آزاد ۽ مرد يا عورت جي الڳ سڃاڻپ نہ رهي آهي.


جڏهن مون اوهان کي پهريون دفعو خوشخبري ٻڌائي هئي؟ نہ، جيتوڻيڪ اوهين ڄاڻو پيا تہ آءٌ جسم جي هيڻائيءَ ۽ بيماريءَ جي سبب اوهان وٽ آيو هئس.


پوءِ شڪرگذاريءَ واري اوهان جي اها خوشي هاڻي ڪٿي آهي؟ ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو شاهد آهيان تہ ان وقت جيڪڏهن ٿي سگھي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها.


انهن ڳالهين کان علاوہ اسين هميشہ خدا جو شڪر بہ ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي خدا جو پيغام مليو جيڪو اوهان اسان کان ٻڌو، تڏهن اوهان اهو انسان جو نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي تيئن خدا جو فرمان سمجھي قبول ڪيو، جيڪو اوهان ايمان وارن تي اثر بہ ڪري رهيو آهي.


تنهنڪري جيڪو هيءَ تعليم رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ خدا کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجو پاڪ روح عطا ڪري ٿو.


مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪرڻ نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ مهمان‌نوازي ڪرڻ سان ڪن ماڻهن اڻ‌ڄاڻائيءَ ۾ ملائڪن جي مهمان‌نوازي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ